24 سومر , سيپٽمبر 2018

نئين ديري لڳ مڙس پنهنجي زال کي ٻوڙي ماري ڇڏيو

نئون ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر ڏيٿو ڀرسان ظالم مڙس ڳورهاري زال سائرا کي دادو ڪئنال ۾ ڌڪو ڏئي اُڇلائي ڇڏيو. عورت جي رڙين تي مال چاريندڙ ڌنار ڪئنال جي ڪپ تي پُهتا ته مڙس شفقت ڏيٿو مبينا طور اُنهن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ڀڄائي ڇڏيو.عورت ڪئنال جي گهري پاڻي جي وهڪري ۾ لُڙهي وئي، جنهن جو لاش ڳولا ڪرڻ باوجود اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي. مقتولا جي ماسات واجد علي ڏيٿو جو چوڻ آهي ته سائرا چئن مهينن جي ڳورهاري هئي، جنهن کي مڙس اسپتال ۾ حفاظتي ٽُڪو هڻائڻ بهاني گهران وٺي اچي ڪئنال ۾ لوڙهڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. واقعي جو اطلاع پوليس کي ڪيو ويو ته ايس ايڇ او محمد حيات مڱريو ڪئنال جو دورو ڪرڻ بعد روانا ٿي ويو.جنهن ڪئنال مان لاش ڪڍائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ڪيا.
رپورٽ : خالق مغيري

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Strict security management have been made for Mehram ul Haram

نيوز: خيرپور : محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪياويا: ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل

*ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو آهي ته محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے