19 اربع , سيپٽمبر 2018

شڪارپور جي لکيدر وٽ وري قبضا، ترقياتي ڪم متاثر

شڪارپور جي تاريخي لکيدر جي ٻنهي پاسن کان ٻيهر قبضا ڪري اڏاوتون ڪيون ويون آهن. تازو ئي انڊونمينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران قبضا ختم ڪرائي رستي کي ڪشادو ڪرائي لکيدر جي پراڻي حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ ڪم جي رٿابندي ڪئي وئي.جنهن ۾ دروازي جي ٻنهي پاسن کان روشني جو انتظام پڻ ٿيڻو هيو.پر قبضا مافيا رات جي وڳڙي ۾ چورن وانگر ڪاهه ڪري ٻنهي پاسن کان اڏاوتون ڪري قبضو ڪري ورتو آهي. جنهن ڪري لکيدر وٽ ٿيندڙ ترقياتي ڪم متاثر ٿيو آهي. سامي ۽ شيخ اياز جي شهر شڪارپور جي هونئن ئي هر قسم جون مافيائن رونقون اجاڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پر رهيل ڪسر وري قبضا مافيا پوري ڪري ورتي آهي، شاعرن فنڪارن ۽ ماضي ۾ شاندار شهر وار سڃاڻپ رکندڙ شڪارپور جي ساڃاهه وندن غير قانوني قبضن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ۽ قبضا مافيا خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي.
رپورٽ : وحيد بروهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dighri, MirTariqKhanTalpur

نيو | ڊگهڙي: پ پ ايم پي اي، ميرطارق خان ٽالپر پاران  تعلقه اسپتال جو دورو، مسئلا معلوم ڪيا

ڊگهڙي ۾ پ پ ايم پي اي،ميرطارق خان ٽالپر  تعلقه اسپتال جو دورو  ڪري مريضن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے