23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي مقرريءَ لاءِ درخوسواستون طلب ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي خالي ٿيل عهدو ڀرڻ لاءِ سرچ ڪميٽيءَ وسيلي درخواستون گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزير اعليٰ هائوس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ درخواستن لاءِ اشتهار هڪ ٻن ڏينهن اندر جاري ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ مقرر طريقي موجب سرچ ڪميٽي اميدوارن جا انٽرويو ڪري انهن جو پئنل جوڙي سنڌ جي وڏي وزير حوالي ڪندي. جيڪو پئنل مان ڪنهن به هڪ اميدوار جي مقرريءَ لاءِ گورنر کي سفارش ڪندو. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي آسامي ڊاڪٽر عابده طاهراڻيءَ جي لاڏاڻي سبب خالي پيل آهي، هن وقت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو وقتي وائيس چانسلر طور ذميواري نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته هو پاڻ به مستقل وائيس چانسلر جي عهدي جو اميدوار آهي. جڏهن ته ٻين اميدوارن ۾ پرو وائيس چانسلر محمد نواز ناريجو، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر انور علي شاهه، ڊاڪٽر امداد اسماعيلي شامل آهن. جڏهن ته اميدوارن ۾ عنايت شاهه به شامل آهي، جيڪو هن وقت ملائيشيا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڊين جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي، سندس تعلق به سنڌ يونيورسٽيءَ سان آهي، پر ڪجهه سال اڳ هو استعيفيٰ ڏئي ملائيشيا هليو ويو هو.

رپورٽ: قاسم راڄپر

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے