20 خميس , سيپٽمبر 2018

مسلمانن کي آمريڪا ۾ نٿو ڏسڻ چاهيان: ڊونلڊ ٽرمپ

images (4)واشنگٽن(ع آ نيوز) اورلينڊو واقعي کانپوءِ آمريڪا جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مسلمانن کي آمريڪا ۾ نٿو ڏسڻ چاهيان، وقت اچي ويو آهي ته مسجدن جي نگراني ڪئي وڃي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته صدر ٿي ويس ته ماڻهن کي هٿياربند ڪري مسلمان ويڙهاڪن سان جنگ ڪرائيندس. هن چيو ته هيلري ڪلنٽن دهشتگري جي مذمت ناهي ڪئي. دهشتگردي جي واقعن جو خاتمو هٿيارن جي ڪنٽرول سان ناهي. صدر باراڪا اوباما دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن جا تفصيل سامهون نه پيو آڻي. هن چيو ته هاڻي وڌيڪ پرڏيهين کي برداشت نٿا ڪري سگھون. دهشتگردن خلاف سڄي دنيا کي متحد ڪنداسين. مسلمانن جي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هنئين وڃي. ڪنهن به قسم جي تشدد جي حمايت ڪندڙن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هجڻ گھرجي. مسلمانن کي آمريڪا ۾ نٿو ڏسڻ چاهيان. هن چيو ته اسلامي دهشتگردي آمريڪا ۾ پرڏيهه مان آئي آهي. مسلم ڪميونٽي کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. داعش کي شڪست ڏينداسين، ان کان سواءِ ڪو رستو ناهي. هن چيو ته صدر ٿي ويس ته دهشتگردي وارين قومن جي آمريڪا ۾ اميگريشن معطل ڪندس. اوباما دهشتگردي جي خاتمي ۾ ناڪام ٿي ويو، اسان کي نئين اڳواڻ جي ضرورت ناهي. وچ اوڀر مان ايندڙن لاءِ سخت اميگريشن پاليسي جي ضرورت آهي. هيلري انهن ماڻهن کي آڻڻ چاهي ٿي جيڪي آمريڪين کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. وڌيڪ مسلمانن جي آمريڪا آمد جو سلسلو جاري نٿا رکي سگهون. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي دوستن کي عهدا ڏيڻ جو تاثر درست ناهي: نعيم الحق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمرنا خان جي صلاحڪار نعيم الحق حڪومت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے