22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

امريڪا کي لوڏيندڙ ڊهشتگرديءَ جو ٻيو وڏو واقعو

امريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اورلينڊو جي نائٽ ڪلب ۾ پيش ايندڙ واقعو 11 سپٽمبر واران واقعن کان پوءِ دهشتگردي جو وڏو واقعو سمجهيو وڃي ٿو.اورلينڊو ۾ ٿيندڙ واقعي ۾ 29 سالن جو عمر متين امريڪي نوجوان جيڪو نيويارڪ ۾ پيدا ٿيو،هن 2006 ۾ ڪرمنل جسٽس جي شعبي ۾ ڊگري ورتي.هڪ سال کان پوءِ عمر متين دنيا جي مشهور خانگي سيڪيورٽي ڪمپني جي فور ايس ۾ ڪم پڻ ڪيو.تنهن کان پوءِ هن 2009 ۾ شادي ڪئي ۽ هڪ گهر به خريد ڪيو.ڪجهه وقت کان پوءِ عمر متين جي گهريلو زندگي ۾ ازبڪ زال مٿان ڪيل تشدت کان پوءِ سندس زال طلاق ورتي. گذريل ڏينهن امريڪي شهري عمر متين جنهن هم جنسن پرستن جي ڪلب کي نشانو بڻايو ،ڪلب ۾ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪلب ۾ موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ کان پوءِ هن فائرنگ شروع ڪري ڏني.حملي کان پوءِ ڪلب جي اندر ۽ ٻاهر اڀ ڏاريندڙ انساني رڙيون گونجنديون رهيون.جڏهن ته حملي ۾ 50 ماڻهو مارجي ويا ۽ 53 ماڻهو زخمي ٿا.زخمين ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جو ڳي آهي.حملي ڪرڻ کان اڳ ۾عمر متين پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس تعلق داعش سان آهي. پوليس کي اطلاع ڏيڻ کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي ۽ کيس گولين جو نشانو بڻايو .2014 ۾ امريڪي ايجنسي ايف بي آ پاران عمر متين جا پهرين امريڪي خودڪش بمبار ۽ نصرا فرنٽ ۽ القاعداه سان تعلق رکندڙ دهشتگرد محمد ابو صلا ، سان لاڳاپن جو انڪشاف ڪيو هو.عمر متين جي پيءِ هڪ امريڪي چينل کي ٻڌايو ته سندس پٽ عمر هميشه هم جنس پرست جوڙن کي نفرت ڀريل نظرن سان ڏسندو هو.اورلينڊو واقعي تي جتي سموري دنيا ڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي اتي امريڪي صدر باراڪ اوباما اورلينڊو واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي کي نفرت ۽ دهشگردي جو قرار ڏنو آهي.

اسڪرپٽ ۽ آواز : آصف ٿيٻو

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Two: Condition of innocence message in Psychiatrist's disease is bad, support appeal

نيوز : ٻهارا: ٿيلسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب، مدد جي اپيل

ٻھارا  ۾  ٿيليسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب ٿيڻ لڳي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے