21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شاعر اياز جاني جي ياد ۾ نوشهري فيروز ۾ تقريب

سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز جاني جي ياد ۾ نوشهري فيروز ۾ تقريب ٿي. سنڌي ادبي سنگت پاران پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ اديبن ۽ شاعرن اياز جاني کي ڀرپور ڀيٽا ڏني تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پريل دايو چيو ته اياز جاني نه رڳو سنڌي ادبي سنگت پر سنڌ جو اثاثو هو هن پنهنجي شاعري ذريعي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيونامياري شاعر ۽ نقاد بشير منگي چيو ته اياز جاني جي بي وقتائتي وڇوڙي جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. هو بهترين شاعر سان گڏ بهترين انسان هو دوستن جو دوست هو. هن پنهنجي شاعري ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائي شاعري جي ميدان ۾ پنهنجي اهم ۽ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. ان موقعي تي جبار ملاح، رضا لانگاهه، امانت وسطڙو، زاهد راڄپر، اسد وسطڙو، مسرور چانڊيو، مظهر خاصخيلي، حبيب مشوري، ساگر يوسف منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

رپورٽ : ايم ظفر تڳر

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے