22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام ڪوٽ بنيادي سهوليتن کان محروم

ڪوئلي جي معدنيات جي وسيلن سان مالا مال ٿر جو  ٻيو وڏو شهر اسلام ڪوٽ انتظاميا جي بي ڌياني هئڻ ڪري صفافي سُٿرائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٽرئفڪ جام ٿيڻ جي ڪيترن مسئلن ور چڙهي ويو آهي. ٽائون ڪميٽي انتظاميا شهر جي  صفائي ڪندڙ 30 کان وڌيڪ ملازمن کي ٻه مهينا اڳ مدو پور ٿيڻ ڪري نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيا آهن. عملي جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري شهر  جي ميگهواڙ پاڙو، ٺڪر پاڙو، بجير آباد ۽  ٻين علائقن ۾گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽرن ۾ گند ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي ۽ گٽرن ۾ گندو پاڻي جو  نيڪال نه هجڻ ڪري رستن تي گندو پاڻي  اُٿلڻ سبب شهرين کي اچ ۾ وڃ ۾ ڏکيائون اچي رهيون آهن. جڏهن ته شهر ۾ نئون تعمير ٿيل سي سي روڊ گٽرن جي پاڻي پلٽڻ ڪري ٽُٽي رهيو آهي. ٽائون عملدارن جو شهر جي مسئلن تي ڌيان نه هجڻ ڪري شهر مان گند کڻڻ لاءِ خريد ڪيل ٽريڪٽر  هڪ سال کان سِرن تي بيٺل آهي ۽ ٽيهه هزار آبادي واري شهر کي مٺو پاڻي پهچائڻ واريون مشينون به خراب ٿي ويون آهن. جنهن سان گذريل يارهن کان  شهري مٺي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن ۽ شهري مٺو پاڻي پئسن تي خريد ڪري پئيڻ تي مجبور آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي ڪروڙين روپيا بجيٽ هُجڻ باوجود شهر ۾ صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي تي هڪ روپيو خرچ نٿو ڪيو وڃي. هُنن عوامي آواز ٽي سان پنهنجا حال اوريندي، شهرين اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي شهر ۾ پکيڙيل گند ڪچرو کڻائي شهرين کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهولت کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪيو وڃي.

رپورٽ : غازي بجير

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے