26 اربع , جولاءِ 2017

تاريخ ڳالهائي ٿي

10 جون 1916 ۾ ڪراچي جي هڪ اين جي او ڪراچي سٽيزن ايسوسيئشن پاران سنڌ گهري ٿي خودمختياري جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو،جنهن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي جي حوالي سان تحريڪ هلائڻ تي زور ڏنو ويو.اهو خيال برطانيه ڪمرشل ڪميونٽي پاران پيش ڪيو ويو،جنهن کي سيٺ هرچند راءِ وشنداس عملي روپ ڏنو. جڏهن ته هرچند راءِ وشنداس کان سواءِ باقي سنڌي هندن ان جي مخالفت ڪئي.

10 جون 1949 ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران 22 جون تي مائي بختاور ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.

10 جون 1970 ۾ مهاجرن جي حقن ۽ مقصدن جي حوالي سان پاڪستان مهاجر محاذ جو بنياد ڪراچي ۾ پيو.

10 جون 1972 ۾ صدر ذوالفقار علي ڀُٽي ڀارت جي روس سان جوهري معاهدي جي صورت ۾ سينٽو ۽ سيٽو جي ميمبر واري حيثيت تان دستبردار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني.

10 جون 1974 ۾ پاڪستان جو حصو رهندڙ بنگلاديش گڏيل قومن جو ميمبر ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز| نيوز بليٽن نائون / 2017-07-25

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام مالديپ جي عوام لاءِ نيڪ خواهشون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي