23 آچر , سيپٽمبر 2018

لاڙڪاڻي ۾ معصوم نياڻيءَ سان ڏاڍائي

لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد واري علائقي جي رهواسي ابراهيم هُليو جي پنجن ورهين جي معصوم نياڻي فاطمه هُليو جو ابوبڪر قبرستان ۾ بدفعلي بعد رسي سان گهٽا ڏئي قتل ٿيل لاش هٿ  اچڻ تي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. ايس ايس پي ڪامران نواز واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي ويو. معصوم ٻارڙي جي قتل واقعي جو گهرو کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي قاتلن جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي چيو ته قاتل ڪيڏا به بااثر هجن انهن کي جلد کان گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته حد جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته  مقتول فاطمه کي شام جي وقت پاڙيسري ممتاز خاصخيلي جي ملازم نانگ نالي همراهه سان گڏ ڏٺو ويو هو. فاطمه جي لاش ملڻ بعد ممتاز خاصخيلي ۽ ملازم نانگ ٻئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن. جن جي گرفتاري لاءِ ڪارووائي شروع ڪئي وئي آهي.

رپورٽ: خالق مغيري

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghotki

نيوز | گهوٽڪي :  بااثر ليز جو بهانو ڪري تيرنهن گهرڊاهي پٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باهه  ڏئي ڇڏي

گهوٽڪي ويجهو عادلپور جي ٻٽاڻي پاڙي  جي زمين تي بااثر ليز جو بهانو ڪري ٽائون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے