17 اربع , جنوري 2018

آدمشماري ۽ اسان جون ذميواريون – نسرين چانڊيو

Nasreen Chandioآدمشماري 16 مارچ 2016 کان شروع ٿي رهي آهي، پهرين مرحلي ۾ گهر شماري ٿيندي جنهن ۾ ملڪ ۾ موجود گهرن جي ڳڻپ ٿيندي، سموري دنيا ۾ هر ڏهه سالن ۾ مردم شماري ڪرائي ويندي آهي ۽ گهڻن ملڪن ۾ ڪرفيو لڳائي گهر شماري ۽ آدمشماري ڪرائي ويندي آهي ته پاڪستان ۾ ائين ڇو ممڪن ناهي.

پاڪستان ۾ 17 سالن کانپوءِ آدمشماري ٿيندي، 1998 کانپوءِ هاڻي 2016 ۾ ٿي رهي آهي. آدمشماري ڪرائڻ وارا ادارا (پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ) جي سڀني عهدن تي سمورن صوبن مان مقرر ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي صوبي (پنجاب) سان تعلق رکندڙ من پسندن ريٽائرڊ آفيسرن کي ڪنٽريڪٽ بنياد تي رکيو ويو آهي، ان ۾ چيف سينسز ڪمشنر آصف باجوا ۽ فنڪشنل ميمبر عارف محمود، چيمه، طارق ملڪ، حبيب الله خان، محمود اختر ۽ ڊاڪٽر سجاد شامل آهن، انتهائي غور ڪرڻ جهڙي ۽ اچرج جوڳي ڳالهه اها آهي ته آصف باجوا، عارف محمود ۽ حبيب الله خان 2011 ۾ غلط، ناقابلِ قبول ۽ ناڪام گهر شماري ڪرائي جنهن تي ٽي ارب رپيا خرچ ٿيا ۽ ان جي اڄ تائين انڪوائري ناهي ٿي، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ جي مالياتي وزير اسحاق ڊار جي چيئرمين شپ ۾ قائم ڪورننگ ڪونسل جي 5 ميمبرن مان سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبر مهتاب ڪريم کي هٽايو ويو آهي، باقي چئن جو تعلق صوبي پنجاب سان آهي، آدمشماري جي سمورن نتيجن جي ڊيٽا پروسيسنگ اسلام آباد ۾ قائم مرڪز ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي غير ملڪي امداد مان ڪراچي ۾ هڪ جديد ڊيٽا پروسيسنگ مرڪز موجود آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا نتيجا اسڪين ٿيڻا هئا، جنهن تي وفاقي آفيسرن نتيجن ۾ جعلسازي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي،  قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نشتن جو تعين ڪرڻو هوندو آهي،

آئين جي آرٽيڪل 160(2) تحت آدمشماري جي انگ اکرن جي بنياد تي قومي مالياتي ايوارڊ (NFC)  سمورن صوبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي ۽ انهن انگ اکرن تي هر علائقي تمام انساني، معاشي ۽ سماجي حالتن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ مستقبل جي منصوبندي ڪئي ويندي آهي ۽ 17 هين گريڊ کان مٿي تائين سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي لاءِ ڪوٽا جو تعين ڪيو ويندو آهي.

2002 کان اڳ سنڌ اسيمبلي جون 100 سيٽون هيون، ڪراچي جي 28 ۽ باقي صوبن جي 72 سيٽون هيون، ڪراچي ڊويزن جي سيٽن ۾ 50 سيڪڙو (14 سيٽن) جو واڌارو ڪيو ويو اهڙي نموني جملي 42 سيٽون ٿيون، باقي 4 ڊويزنن جي 72 سيٽن ۾ 12 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو اهڙي طرح ڪل 88 سيٽون ٿيون، اصولن انهن چئن ڊويزنن ۾ به 50 سيڪڙي جي حساب سان 36 سيٽن جو اضافو ڪيو وڃي ته 88 سيٽن جي بجاءِ 108 سيٽون هجن ٿيون، ان طرح هر ڊويزن ۾ منصفاڻو اضافو ٿيڻ گهرجي.

گهر شماري/آدم شماري کان اڳ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪ ۾ ملڪ جي سمورن صوبن خاص طور سنڌ صوبي جي نمائندگي ڏني وڃي، گهر شماري جي لاءِ مقرر ڪيل ٽي ڏينهن انتهائي گهٽ آهن ڇو ته سنڌ جا ٻيلا، ڪچي جا علائقا، ٻيٽ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين پهچ ٽن ڏينهن ۾ ممڪن ناهي. گهر شماري ۽ آدمشماري کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته تمام صوبن جي نمائندگي سان گڏ صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے