19 اربع , سيپٽمبر 2018

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب 49 ڄڻا فوت ٿي ويا

منيلا (ويب ڊيسڪ) سامونڊي طوفان ”منگ کوٽ“ پنهنجي ڀرپور قوت سان چين ۽ هانگ ڪانگ ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته فلپائن ۾ اهو طوفان گهٽ ۾ گهٽ 49 ڄڻن کان حياتيون کسي چڪو آهي. منگ کوٽ ڇنڇر جي رات ٻه سئو ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڏکڻ اولهه ايشيائي ملڪ سان ٽڪرايو. فلپائن ۾ ان قدرتي آفت جي تباهي کانپوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. ٻڌايو ويو آهي ته ان طوفان سبب ملڪ جي اترين حصي ۾ هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. هڪ بيان موجب لڳ ڀڳ 50 لک ماڻهو ان طوفان سبب متاثر ٿيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے