19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | سجاول: محرم الحرام ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ  ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ

سجاول ۾  محرم الحرام جي مهيني ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ  ايس ايس پي سجاول مسعود احمد بنگش جي سربراهي ۾  ضلعي ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو.

سجاول ضلعي جي  ڊي ايس پي، ايس ايڇ او سميت  پوري ضلعي جي پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي

فليگ مارچ ايس ايس پي سجاول جي آفيس کان  ڪيو ويو ، جيڪو سجاول شهر جو گشت ڪندي  ضلعي جي مختلف شهرن ميرپوبٺورو، جهوڪ، دڙو، ٻيلو، جاتي چوهڙجمالي جو گشت ڪندي سجاول پهتو.

ان موقعي تي  ايس ايس پي سجاول ٻڌايو ته سجاول ضلعي ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ امن و امان جي حوالي سان فيلگ مارچ ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته هو وڌ کان وڌ  ڪوشش  ڪري رهيو آهي ته  سجاول ضلعي ۾ امن قائم ڪيو وڃي.

هن چيو ته  محرم الحرم جي مهيني امن اومان قائم رکڻ لاءِ 400 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا۽ ان سان گڏ رينجرز جا اهلڪار به گڏ هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے