20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز | ڪوٽڙي: ايس يو پي ڪارڪن جي دڪان تي پوليس چڙهائي خلاف ڌرڻو

ڪوٽڙي ۾ اهلڪارن ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جي دڪان تي چڙھائي ڪري  ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد دڪان جو سمورو سامان اڇلائي  ڇڏيو، جڏهن ته  دڪاندارن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جو بهار ڪالوني بازار مان سنڌ شاپ نالي سان قائم دڪان تي وردي پهريل اهلڪارن گهڙي ڀڃ ڊاھ ڪري ۽ سمورو سامان اڇلائي ويا.

واقعي خلاف ايس يو پي ڪارڪنن المدينه چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

ممتاز ڳورڙ ،شبير ٻنگ،فياض سومرو، نياز چوهاڻ ، اي ڊي چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي پوليس سياسي ونگار وهندي ايس يو پي جي ضلع اڳواڻ جي دڪان تي چڙھايون ڪري حراسان ڪري رهي آھي.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ونگاري پوليس خلاف قدم کڻي ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي اي ايس پي ڪوٽڙي سهائي عزيز ٽالپر ٻڌايو ته احتجاج جي خبر پئي آھي ته پوليس خلاف احتجاج ٿيو آھي پر ڪنهن ڏوهارين جي احتجاج سان پوليس پنهنجو ڪم ختم ڪونه ڪندي

هن چيو ته   معاملي  جي انڪوائري ڪري  جاچي ڪئي ويندي ڪهڙي پوليس چڙهائي ڪئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhaara: Young man slipped in water, dead body found on second day

نيوز: ٻهارا: پير ترڪڻ سبب نوجوان ٻڏي فوت ، لاش هٿ

*ٻھارا  ۾  ڏاتار درگاھ کان واپسي ورندي 103 آر , ڊي موري وٽ پير ترڪڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے