19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | نوابشاهه : سوات واسي ناري پسند جي  سان شادي ڪري ڇڏي، تحفظ جي گهر

نوابشاهه ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي سوات واسي ناري چيو آهي ته هن پنهنجي مرضي سان نوجوان سليمان ڪالرو سان شادي ڪئي آهي کين بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪيو پيو وڃي.

سوات جي رهواسڻ نوجوان ناري عاصمه عالم ٻڌايو ته هن جولاءِ مهيني ۾ شادي ڪئي آهي ۽ ان بابت عدالت ۾ به بيان ڏنل آهي.

هن ٻڌايو ته مولوي رشيد ڪنڀر، ايس ايڇ او گپچاڻي ٿاڻو، سندس ماما دوست محمد ۽ ديدار علي تنگ ڪري رهيا آهن جن مان جان جو خطرو آهي .

ناري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽  آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے