19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار جي مختلف کاتن ۾ نوڪرين جي اميدوارن کي عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن بعد هاڻي 43 سالن جو شخص به سرڪاري نوڪري لاءِ اهل هوندو، انهيءَ ڏس ۾ چيف سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پهرين جولاءِ 2018 ع کان 30 جون 2020 ع تائين لاڳو هوندو، جڏهن ته عمر ۾ اهڙي رعايت سنڌ پوليس ۾ ڀرتين ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندڙ ڀرتين جي امتحان تي لاڳو نه ٿيندي، انهن جون ڀرتيون پوليس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پاليسي ۽ رولز موجب ئي ٿينديون،

ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته سنڌ سرڪار نين نوڪرين جي حوالي سان سمورن سرڪاري کاتن کان تفصيل طلب ڪري ورتا آھن، جن موجب گهرو کاتي ۾ 42 هزار، تعليم کاتي ۾ 26هزار، مڪاني حڪومت کاتي ۾17 هزار، آبپاشي کاتي ۾ 6 هزار، روينيو کاتي ۾ هڪ 1000 جايون خالي آھن. جڏهن ته ليبر کاتي ۾ 1665، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 341 ، لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 1975، ايس،اينڊ جي اي ڊي ۾ 869، پاپوليشن کاتي ۾ 1100، ايڪسائيز کاتي ۾ 700، جايون خالي آھن. سنڌ حڪومت مختلف کاتن کي لکت ۾ چيو آهي ته سنڌ صوبي جي مختلف کاتن ۾ 80 هزار وڌيڪ نوڪرين لاءِ جاءِ ٺاهي وڃي ته جيئن ايندڙ 5 سالن ۾ 2 لک نوڪريون ڏئي سگهجن. سنڌ سرڪار پاران اعلانيل هڪ لک جي لڳ ڀڳ سرڪاري نوڪرين ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت پاران ورڪ شروع ڪيو ويو آهي جن لاءِ جلد ئي اشتهار جاري ٿيندا.

سنڌ ۾ نوڪرين تي پابندين سبب  هڪ ته سنڌ حڪومت جي ڪيئي کاتن ۾ لکن جي انگ ۾ نوڪرين جون جايون خيالي رهيون آهن ۽ ٻئي پاسي سماج ۾ نوڪرين لائق لکين نوجوان  پنهنجيون ڊگريون مڪمل ڪرڻ بعد  روزگار لاءِ پريشان پئي رهيا آهن، جيڪي هوند سماج جي ترقيءَ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم رهيا آهن.

سنڌ حڪومت ۾ لکين نوڪرين جي خالي جاين ۽ انهن جي ڀرتين جي سلسلي ۾ ڪجهه تلخ حقيقتون اهي به آهن ته ماضيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏيڻ جي معاملن ۾ جيڪي بدعنوانيون ٿيل آهن انهن جهڙوڪر سڄي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ وقار کي ئي سخت ڇيهو رسايو آهي، پوئين حڪومتن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان سلسلي ۾ ڪرپشن جي حوالي سان تعليم کاتو انتهائي تنقيد هيٺ رهيو آهي ۽ اڃان تائين گذريل دور ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرٿي ٿيل هزارين ملازمن جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي تلخ حقيقت اها به آهي ته سنڌ حڪومت ۾ موجوده ملازمن هوندي به حڪومت جي وهنوار ۾ ڪا لياقت نظر نه پئي اچي موجوده حڪومت ۾ جيڪي ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ظاهر آهي ته اهي گذريل دورن ۾ ڀرٿي ٿيل آهن، حڪومت کي هر پنجين سال بعد پنهنجين ڪارگذارين کي موثر بڻائڻ لاءِ نون ملازمن جون ڀرتيون ڪرڻيون هونديون آهن پر سنڌ حڪومت جي حوالي سان صورتحال بلڪل مختلف آهي، سنڌ حڪومت جي هر دور ۾ جيڪي به ملازم ڀرتي ٿين ٿا انهن بعد به سرڪار جي ڪار وهنوار ۾ ڪا بهتري نه ٿي اچي.

سنڌ حڪومت نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن جي عمر جي حد ۾ جيڪا 15- سالن جي ڇوٽ ڏني آهي، سنڌ حڪومت جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، پر ڪجهه تلخ حقيقتون اهي به آهن جن تي توجهه ڏيڻ پڻ اڻ ٽر آهي، اسان ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته هاڻي جيڪي به ڀرتيون ڪيون وڃن انهن کي اهليت جي بنياد تي ڪيو وڃي، مختلف شعبن ۾ ضرورت آهر ڀرتيون ڪيون وڃن، غير ضروري ۽ اضافي ڀرتيون ان اداري جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪن ٿيون، مختلف ادارن ۾ جيڪي به ڀرتيون ڪيون وڃن خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ انهن ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي.

اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پيپلز پارٽيءَ جون جيڪي به حڪومتون آيون ۽ ويون آهن انهن ۾ اهليت جو عنصر گهٽ ۽ ڪرپشن جو عنصر وڌيڪ رهيو آهي، جنهن ڪري سمورو سنڌي سماج ۽ سنڌ حڪومت جا سمورا سرڪاري شعبا غير موثر رهيا آهن، جنهن جو  سنڌو سنئون منفي اثرسنڌي عوام جي زندگيءَ تي پيو آهي، هر عام ماڻهو جا ڪم روزاني جي بنيادن تي سرڪاري شعبن ۾ پوندا رهن ٿا جيڪي متاثر ٿيندا رهيا آهن تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪاري شعبن ۽ کاتن ۾ اهڙا اميدوار ڀرتي ڪيا وڃن جيڪي سرڪار جي ڪم ۽ ڪاروهنوار کي سرگرميءَ سان اڳتي وڌائيندا رهن.

جيڪڏهن هن دفعي به پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت پنهنجي اڳئين دور واري روش جاري رکي ته پوءِ عين ممڪن آهي ته سنڌ حڪومت جي نه ته ڪنهن شعبي ۾ سڌارو ممڪن ٿيندو ۽ نه ئي ترقيءَ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو . سنڌ هاڻي جنهن دور مان گذري رهي آهي ان دور ۾ سنڌ کي وڌ کان وڌ اهل ماڻهن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ملازمن جي ضرورت آهي جيڪي جديد دور جي تقاضائن موجب حڪومت جي ڪار وهنوار کي هلائي سرڪاري جي شروع ڪيل منصوبن ۽ پروگرامن کي عملي جامو پهرائي سماج کي ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ڪري سگهن، اسان اميد ڪيون ٿا ته موجوده حڪومت جي سربراهي ڪندي سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير ان ڏس ۾ خاص توجهه ڏيندو ۽ اسين سمجهنداسين ته هُو اهڙي عمل ذريعي سنڌ جي تعمير واري عمل ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهندو.

آچر 16 سيپٽمبر  2018ع، 5 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

انصاف لاءِ ويٺل عوام ۽ سندن اميدون

12 مئي سانحي کي 11 سال گذري چڪا آهن ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون جن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے