20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز | نوابشاهه ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم جو ڇاپو، 4 تتر ۽ 8 بٽير هٿ، جوابدار فرار

نوابشاهه ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم ڇاپو هڻي  غيرقانوني طور پڪڙيل 4 تتر ۽ 8 بٽير هٿ ڪري ورتا آهن.

جهنگلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي هدايت تي فيلڊ آفيسر ۽ ريڊ پارٽي انچارج سهيل کوسو ٽيم سان گڏ پڙي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران غيرقانوني طور پڪڙيل 4 تتر هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.

ٻي پاسي ساڳئي ٽيم اٺهٽ موري ڀرسان ڇاپو هڻي 8 بٽير ۽ پڃرن سميت ٻيو سامان هٿ ڪيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.

جهنگي جيوت کاتي جي فيلڊ آفيسر سهيل کوسو جو چوڻ هو ته تتر ۽ بٽير سميت ناياب نسل جي پکين جي وڪري ۽ شڪار تي پابندي آهي، پر قانون جي ڀڇڪڙي ڪري شڪار ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته سندن ڪامياب ڪارروائي بعد هنن اڻڄاتل جوابدارن تي اين سي داخل ڪئي آهي ۽ تصديق بعد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Muhammad Khan: Tribute to the Martyrs of Karabala

نيوز: ٽنڊو محمد خان: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

*ٽنڊي محمد خان ۾ به ڪربلا جي شهيدن کي عزاداري ڪري ۽ مجلسون منعقد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے