19 اربع , سيپٽمبر 2018

برف جي ٽاڪور سان حيران ڪندڙ علاج

barafلاهور(ع آ نيوز) هن ليک کي پڙهي شايد توهان کي کِل اچي۽ ان کي انٽرنيٽ تي موجود ٻين فضول ٽوٽڪن وانگر ئي سمجهو، پر يقين ڪريو ته اهو طريقو استعمال ڪرڻ سان توهان جي جسم تي اهم تبديلون اچي وينديون. توهان کي رڳو هڪ برف جو ٽڪرو پنهنجي ڪنڌ تي رکڻو پوندو ۽ پوءِ ان جو ڪمال ڏسو. پرڏيهي ميڊيا ۾ ڇپجندڙ ان رپورٽ موجب اهو ٽوٽڪو استعمال ڪرڻ سان توهان پاڻ کي تازو ۽ جوان محسوس ڪرڻ لڳندا. ڪنڌ تي موجود ان جڳهه کي فنگ فو چيو ويندو آهي، جيڪا اسان جي کوپڙي کي اسان جي ڪنڌ سان ملائي ٿي. برف جي ٽڪري کي ڪنڌ تي رکڻ سان نه رڳو ننڊ ۾ بهتري ايندي آهي پر اهو عمل موڊ بهتر بڻائڻ لاءِ به انتهائي اهم ثابت ٿي آهي. اهو ٽوٽڪو توهان جي هاضمي واري سرشتي کي به بهتر بڻائڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندو. ان عمل کي لاڳيتو ورجائيندڙ ماڻهو نزلي، زڪام، مٿي جي سور، ڏندن جي سور ۽ ٻين تڪليفن کان به محفوظ رهن ٿا. اهو عمل ساهه ۽ دل جي بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو آهي، جڏهن ته ان سان ذهني صحت ۾ به اضافو ٿيندو آهي. ساڳيو عمل ڪرڻ لاءِ توهان اونڌو سمهو ۽ هڪ برف جو ٽڪرو کڻي ان کي پنهنجي ڪنڌ تي لڳ ڀڳ 20 منٽ لڳائي رکو ۽ اهو عمل ٻه يا ٽي ڀيرا وقفي وقفي سان ورجايو. اهو عمل شروع ڪرڻ کان پهريان توهان پنهنجي جسم جي گرمائش محسوس ڪري سگهو ٿا، پر ان سان گهٻرايو نه، باقاعدگي سان اهو عمل ورجايو ۽ توهان پنهنجي زندگيءَ کي چاق محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے