19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: نواب ولي محمد : اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ ، ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور

Nawabwali Muhammad: Furniture unavailable in school*نواب ولي محمد جي مين بوائز پرائمري اسڪول ۾  فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

پٽيءَ جي ڪلاس ۾  160 ٻار آهن  پر فرنيچر نه هجڻ سبب پٽ تي ويهي هو  علم جي اڃ اجھائن ٿا جڏهن ته تعليم کاتي وٽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ هئڻ باوجود بهتر تعليم ڏيندڙ اسڪولن کي بنيادي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن.

سهولتن جي اڻهوند سبب  استادن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن .

اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر  يوسف رند، يوسي چيئرمين امجد رند، علي چانڊئي   ۽ ٻين تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نواب ولي محمد جي مين بوائز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے