25 سومر , جون 2018

ڪارو ڪاري ۽ بخشي ڇڏڻ جو قانون – زاهد حسين

Zahid Hussainسرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ اندر هر سال هڪ هزار جي لڳ ڀڳ عورتون ڪارنهن جي الزام ۾ ماريون وڃن ٿيون. اصل تعداد ان کان شايد تمام گهڻو هجي. اڻويهه ورهين جي صبا قيصر به جي معجزاڻي طور درياءَ مان ٻڏڻ کان نه بچي ها ته انهن مان هڪ هجي ها، کيس گولي هڻي درياءَ ۾ اڇلايو ويو هو. بغير ڪنهن حيرت جي سندس زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا به ڪي ڌاريا نه پر سندس پيءُ ۽ چاچو ئي هئا، جيئن ”غيرت“ جي ڏوهه وارن ههڙي قسم جي اڪثر معاملن ۾ ٿيندو آهي يا ٿيندو آيو آهي.

شرمين عبيد چناءِ جي 40 منٽن جي شاندار دستاويزي فلم ”پاڻي منجهه ناري، بخشش جي قيمت“ گجرانوالا سان تعلق رکندڙ اڻويهه ورهين جي ناريءَ سان پيش آيل وارتا تي مشتمل آهي. اڪارمي انعام لاءِ نامزد هن فلم ۾ غيرت واري گناهه جو شڪار ناريءَ جي ڀوڳنا کي پختگيءَ سان ڏيکاريو ۽ پيش ڪيو ويو آهي. هيءُ فلم رڳو انهيءَ بهادر ناريءَ بابت ئي ناهي جنهن موت کي مات ڏني ۽ اڄڪلهه ان شخص سان زندگي به گذاري رهي آهي، جنهن سان هن پريت جا پيچ اڙايا ۽ زندگي به جوکي ۾ وڌي. پر گوليءَ سبب سندس منهن ۾ جيڪو گهاءُ رسيو هو، تنهن جو نشان اڄ به موجود اٿس.

بخشي ڇڏڻ يا معاف ڪرڻ وارو قانون ئي آهي جنهن جي ڪري ههڙي ڏوهه جا ڏوهاري بچي وڃن ٿا. سندس پيءُ ۽ چاچو اڄ آزاد گهمي رهيا آهن ۽ هنن جيڪي ڪجهه ڪيو، تنهن تي کين ڪو پڇتاءُ ناههي. مقامي چڱن مڙسن ۽ برادريءَ جو بارُ پوڻ سبب هن کيس اذيت پهچائيندڙن کي معاف ڪري ڇڏيو. هنن جي کيس ڪنهن ٻئي حملي ۾ کيس قتل به ڪيو هجي ها تڏهن به متاثر جي مائٽن کي جوابدارن کي معاف ڪرڻ بابت قانون ۾ مليل اجازت تحت بچي وڃن ها.

سو ان تائين پهچي شرمين عبيد چنا ۽ گجرانوالا سان تعلق رکندڙ هن ناريءَ جي زندگي ته بچائي ورتي آهي پر هن پاڪُ ڌرتي تي هر سال سوين ناريون ڪُٺيون وڃن ٿيون ۽ گجرانوالا جي هن ناريءَ جهڙيون خوشنصيت ناهن ڪارنهن جي الزام هيٺ ٿيندڙ کي رياست خلاف ڏوهه طور نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ بخشي ڇڏڻ وارو قانون ته ڄڻ قاتلن لاءِ لائسنس آهي. بغير ڪنهن تعجب جي سڄي ملڪ اندر غيرت جي نالي ۾ يا ايئن کڻي چئجي ته ڪارنهن جي الزام ۾ ٿيندڙ قتلن ۾ اضافو ٿيندو آهي، ۽ ان تهمت تحت ماريل عورتن ۾ اڪثريت نوجوان نارين جي آهي جيڪي پنهنجي مائٽن جي مرضيءَ بنا پرڻي جي جرئت ڪن ٿيون.

2014ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي اکين اڳيان ڏينهن ڏٺي جو پيش آيل اهو واقعو ڪيئن وسري سگهي ٿو، جنهن ۾ فرزانا پروين نالي ناريءَ کي ڌڪ هڻي ماريو ويو هو ۽ پوليس سميت اتي موجود ماڻهو تماشائيءَ وانگر اهو سانحو ڏسندا رهيا. سو ڪير به انهيءَ ناريءَ کي بچائڻ لاءِ اڳتي نه وڌيو، جنهن کي خاندان جي نام نهاد عزت لاهي پنهنجي مرضيءَ مطابق پسند جو پرڻو ڪرڻ تي ماريو ٿي ويو. هن واقعي تي ٻاهرين ملڪن ۾ به ته آواز اٿيو پر هن واقعي اسان جي ضمر کي نه جنجهوڙيو. شرمين عبيڊ چناءِ پنهنجي انٽرويو ۾ بلڪل صحيح چيو آهي ته ماڻهو عزت/غيرت واري تصور سان ان حد تائين چهٽيل آهن، جو هاڻي اها هڪ عام سوچ بڻجي چڪي آهي.

هن دستاويزي فلم ۾ اهڙن کوڙ سارن ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي جيڪي ان قسم جي صورتحال جو حصو هجن ٿا. بخشش وارو قانون جيتوڻيڪ رياست جي ڪردار کي محدود ڪري ٿو ڇڏي پر ان سان چڱن مَٺن کي به هڪ قسم جو اختيار حاصل آهي جواهي ههڙن معاملن ۾ زور بارُ وجهي ٺاهه ڪرائي ٿا ڇڏين. اهڙي طرح سڀئي سور ۽ ملامتون متاثر جي کاتي ۾ ئي هجن ٿيون، جڏهن ته همدرديون وري انهن سان هجن ٿيون جيڪي ڏوهن جا ڏوهاري هجن ٿا، جيئن صبا جي معاملي ۾ ٿيو. هن معاملي جو جنهن وڏي ٺاههُ ڪرايو سو متاثر جي پيءُ جي پاسي بيٺل نظر آيو ۽ چيائين ناريءَ جي عمل جي ڪري سندس پيءُ جي عزت لٿي.

غربت ۽ ماحول پڻ ههڙي قسم جي ڪيسن ۾ متاثر لاءِ آپشن انتهائي محدود ڪري ٿا ڇڏين. صبا کي جي برادريءَ طرفان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ تحفظ جي فراهميءَ ۾ رياست جي ناڪاميءَ جو خوف نه هجي ها ته هو شايد کيس اذيت ڏيندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها. هوءَ ته پيءُ طرفان گولي هڻڻ ۽ خاندان ۽ برادريءَ طرفان لاتعلق ڪرڻ جو الميو ڀوڳي چڪي هئي. ڏوهاري فاتح بڻجي ٺاهه لاءِ اڳيان آيا، جڏهن ته واقعي جي سموري ذميواري متاثر جي ڪُلهي تي وڌل هئي.

بلڪل صبا جي پيءُ جي اکين ۾ ڪو شرم نه هو نه کيس ڪو پڇتاءُ هو، ان جي ابتڙ هن سمجهيو ٿي ته هن جو ههڙو ظالماڻو ڪم ڪرڻ سان سندس پنهنجي برادريءَ ۾ مان وڌيو آهي ۽ هن جيڪي ڪجهه ڪيو سو درست ڪيو. کيس فخر هو ته سندس انهيءَ عمل سان سندس ٻين نياڻين جي شاديءَ جا امڪان روشن ٿيا آهن.

سو ڏوهاريءَ جو ايڏو آڪڙيو رهڻ ئي هن دستاويزي فلم جو انتهائي پريشان ڪندڙ حصو آهي. اهڙو مثال ورلي ئي ملي جو هن هيڏي سانحي ۾ رياست خاموش تماشائي بڻيل هجي. سو جي قاتلن سان پنهنجي برادريءَ طرفان ساڳيو ئي رويو روا رکيو وڃي ها ته صورتحال اڄ ڪجهه مختلف هجي ها ۽ بلڪل ايئن ئي قانون ۾ بخشش جي گنجائش نه هجي ها ته صورتحال اڄ مڪمل طور تبديل هجي ها.

غيرت جي نالي ۾ يا ايئن کڻي چئجي ته ڪارنهن جي الزام ۾ ٿيندڙ قتل جو اصل معاملو جيئن شرمين به ٻڌايو آهي ته هي آهي ته ان کي هڪ گهر جو معاملو سمجهيو وڃي ٿو. پيءُ ڌيءُ کي ماري يا ڀاءُ ڀيڻ کي ماري ڪير به ڪيس داخل نه ٿو ڪري ڇو جو سمجهيو وڃي ٿو ته ان سان خاندان جي بي عزتي ٿيندي. اهڙي ذهنيت خالي افسوس جوڳي ناهي پر ان سان حقيقت ۾ قاتلن کي ڇوٽ ملي ٿي.

انساني حقن جا گروهه ڳچ عرصي کان وٺي غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ اهڙن قتلن کي رياست خلاف ڏوهه تصور ڪرڻ ۽ بخشي ڇڏڻ وارو قانون بي اثر ڪرائڻ لاءِ جاکوڙيندا رهيا آهن. پر قانون ٺاهيندڙن کي ان تي قائم ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي. هن دستاويز فلم جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته ان سان قومي سطح تي هڪ بحث ڇڙيو آهي ته عورت خلاف ڏوهه جو غيرت سان ڪجهه به نه وڃي.

هڪ دستاويزي فلم شيرمين لاءِ آسڪر ايوارڊ جو ڪارڻ بڻجي ٿي يا نه پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته هن فيڊ اڳ ئي طاقتور اثر ضرور وڌو آهي ۽ وزيراعظم جو به هن معاملي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. سو پڪ ناهي ته آسڪر جي نامزدگيءَ جو ڪمال آهي يا فلم ۾ ڏنل پيغام جوا ثر، جنهن وزيراعظم کي غيرت جي نالي ۾ ٿيندڙ قتل کي ”سنجيده ڏوهه“ قرار ڏيڻ تي مجبور ڪيو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته سندس دلچسپي وزيراعطم هائوس ۾ فلم ڏسڻ کان به اڳتي وڌندي ۽ بخشش واري قانون ۾ ترميم جي فوري ضرورت آهي، جنهن سان صبا جي پيءُ جهڙن ماڻهن کي تقويت ملي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے