22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز | فرزانا جمالي جي ڪٽنب پاران انصاف نه ملڻ خلاف ڪراچي تائين مارچ ڪرڻ جو اعلان

نوابشاهه جي شاگردياڻي  فرزانه جمالي جي ڪٽنب پاران انصاف نه ملڻ ’خلاف  عاشورن کانپوءِ  ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف نه ملڻ خلاف سندس  ڪٽنب طرفان فرزانه جمالي سميت عاشورن کانپوءِ نوابشاهه کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ متاثر نياڻي جي چاچي اقبال جمالي ٻڌايو ته هنن  لانگ مارچ جي تاريخ مقرر نه ڪئي آهي، جڏهن ته  باقي عاشورن جا ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ فرزانه جمالي جي والد اعجاز علي جمالي ڀائرن نثار احمد زبير احمد ۽ چاچي اقبال جمالي اعلان ڪيو ته هو نوابشاهه کان پيادل نڪري ڪراچي پهچي  چيف منسٽر هائوس ڪراچي تائين  احتجاج  ڪندا .

هن چيو ته ڪجهه دوستن جي طرفان پنهنجي فيملي سان گڏ سندن  لانگ مارچ ۾ گڏجي هلڻ لاءِ چيو آهي .

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻي سياسي جماعت جا ڪارڪن ساڻن  گڏ هلڻ چاهيندا ته  هو  انهن کي   به  ڀليڪار چوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kunb

نيوز | ڪنب: شهرانتظاميھ جي نااهليءَ سبب گندگيءَ جو ڍير،شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

ڪنب شهر  انتظاميھ جي نااهليءَ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو آهي جنهن سبب شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے