19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | نواب ولي محمد: نادر جتوئي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن  پاران  احتجاج

نواب ولي محمد ۾  قاضي احمد پوليس پاران نوجوان نادر جتوئي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن  پاران  احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو .

شوڪت ڪالوني جي رهواسي نوجوان نادر جتوئي کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف نوجوان جي والد امير حمزه جتوئي، وزير حسين جتوئي ،پيارو جتوئي ۽ غلام عباس جتوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ميڊيا اڳيان دانهيندي سندن والد ۽ ٻين  چيو ته چار ڏينهن اڳ قاضي احمد جي شوڪت ڪالوني ۾ قاضي احمد ٿاڻي جي جمعدار نياز پٺاڻ پوليس اهلڪارن حسين چانڊيو، ممتاز لاکو، سفر لاکو ۽ ٻين ٻن پوليس موبائلن ۾ سوار ٿي گهر تي چڙهائي ڪري  نادر جتوئي کي کنڀي وئي آهي.

هنن چيو ته  چار ڏينهن گذرڻ باوجود سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي،  کين خدشو آهي ته قاضي احمد پوليس نوجوان تي تشدد ڪري ماري ڇڏيندي.

هنن چيو ته هو  چئن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير به سندن  ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چونڊيل نمائندن سميت ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو گم ڪيل  نادر جتوئي جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے