22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 67 شرپسند مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان فورسز جي سڄي ملڪ ۾  آپريشن جي نتيجي ۾ 67 شرپسند مارجي ويا. افغان ميڊيا جي رپورٽ موجب بچاءَ واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو اهي ته ملڪي هوائي فوج ۽ نيشنل ڊفينس سيڪيورٽي فورسز افغانستان جي مختلف حصن ۾ 24 ڪلاڪن دوران آپريشن ڪيا جنهن ۾ 67 شرپسند مارجي ويا. بچاءَ واري وزارت جي اختيارين جو ٻڌائڻ آهي ته آپريشن ننگرهار، غزني، پڪتيا، لوگر، قنڌار، بدگيس، فرياب، بغلان، بلخ ۽ هلمند ۾ ڪيا ويا جنهن ۾ هوائي ۽ نيشنل ڊفينس فورسز سان گڏ ڪمانڊوز به حصو ورتو. افغان بچاءَ واري وزارت موجب هوائي فوج شرپسندن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ۽ ڪيترائي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا جڏهن ته آپريشن دوران 28 شرپسند زخمي به ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے