22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ننڍڙي ملازم تي تشدد جي وائرل ويڊيو تي شيرين مزاري جو نوٽيس، عورت ڀارتي شهري نڪتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري وضاحت ڪئي آهي ته سوشل ميڊي  تي وائرل ويڊيو ۾ هڪ ننڍڙي گهريلو ملازم تي تشدد ڪندڙ عورت اصل ۾ ڀارتي شهري آهي، جيڪا چندي ڳڙهه ۾ رهندي آهي.  واضح رهي ته تازو ئي هڪ ٽوئيٽر صارف طرفان هڪ ويڊيو شيئر ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ عورت کي چانهه ۾ پتي وڌيڪ وجهڻ تي هڪ ننڍڙي ملازم کي چماٽون هڻندي ڏيکاريو ويو. ان ويڊيو جي دوران هڪ شخص عورت کي اِهو چوندو رهيو ته هڪ ته تو 14 سالن جي ڇوڪري ڪم تي رکي آهي ۽ ٻيو وري ان تي هٿ هلائي رهي آهين. اِها ويڊيو شيرين مزاري جي نظر مان گذري ۽ هن ان کي ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته ڇا ڪير اِها سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو ته اِها عورت ڪير آهي ۽ ان جو تعلق ڪٿان آهي؟ ان جي خلاف ايڪشن وٺڻ جي لاءِ ڄاڻ گهرجي. بعد ۾ هن پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته هن وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کان ٻارڙي تي تشدد ڪندڙ عورت جو پتو لڳائڻ جو چيو آهي. ۽ پوءِ حقيقت بعد اِها خبر پئي ته ٻارڙي تي تشددڪندڙ عورت جو تعلق ڀارتي رياست هرياڻا جي شهر چندي ڳڙهه سان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حنيف عباسي کي ڪجهه ٿيو ته سياسي مخالف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار هوندي: گهر واري

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسيءَ جي گهر واري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے