19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |نوابشاهه: امن قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ صحافي شامل آهن: اي سي

اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه ۽ ڊي ايس پي چيو آهي ته ضلعي نوابشاهه ۾ محرم جي سلسلي ۾ امن ۽ ٻين معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي پئي وڃي جنهن ۾ ميڊيا جا ماڻهو به شامل هوندا.

نوابشاهه ۾ محرام الحرام جي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نبيل رياض سنڌو ۽ ڊي ايس پي ٽائون محمد ايوب درس بريفنگ ڏيندي چيو ته هو ضلعي اندر هڪ سٺو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ خبرن ۾ افرا تفري حراسمينٽ ۽ غلط بياني کان پاسو ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي رهيا آهن .

هن ن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي ۾  ڪميٽي  ڪم ڪندي ،جنهن ۾ ميڊيا جا ميمبر شامل هوندا.

هنن چيو ته ضلعي اندر 4 هزار پوليس اهلڪار ڊيوٽيون ڏيندا ۽ 60 پوليس اهلڪار به شامل هونديون 200 رينجرز جا جوان ڊيوٽيون ڏيندا ،جڏهن ته اٺين محرم کان آرمي جي هڪ ڪمپني به شامل ڪئي ويندي ۽ اها اسٽينڊ باءِ هوندي.

هن ٻڌايو ته اسان وٽ ٻه حساس امام بارگاهه آهن جڏهن ضلعي اندر 52 ماتمي جلوس بر آمد ٿيندا انهن ۾ نوابشاهه شهر ۾ ٻه حساس جلوس آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وينديون .

هنن چيو ته  ڇت تي عام ماڻهو جي بيهڻ جي پابندي لڳائي وئي آهي، واڪ ٿرو گيٽ هنيا ويندا ميٽل ڊڊڪٽر استعمال ڪيو ويندو،.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے