22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد جي صعنتي يونٽن بابت 5 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات ۽ ڊائريڪٽر هيومن رائٽس سيل سپريم ڪورٽ کي اسلام آباد جي صنعتي يونٽن جو معائنو ڪري 5 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اسلام آباد ۾ صعنتي ۽ ماحولياتي گدلاڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته چيو پيو وڃي ته صنعتي گدلاڻ روڪڻ جي لاءِ بندوبست ڪيا ويا آهن جنهن تي ڊي جي ماحوليات فرزانه الطاف شاهه ٻڌايو ته ڪير به بندوبست ناهن ڪيا ويا اسان کي معاني جي به اجازت ناهي ڏني ويندي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازو ئي ناهي، اهي ماڻهو سڌو سنئون ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان انهن جي پنجاهه پنجاهه لک رپين جي سيڪيورٽي ضبط ڪنداسين. ڊي جي ماحوليات چيو ته مل مالڪن اسان کي واچ ڊاگ مان ڊاگ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جنهن سيڪيورٽي جمع ناهي ڪرائي ان کان 8 سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين ۽ اُهو سمورو پيسو ڊيم فنڊ ۾ ويندو. عدالت ڊائريڪٽر ايڇ آر سيل سپريم ڪورٽ ۽ ڊي جي ماحوليات کي اسلام آباد جي صنعتي يونٽن جو معائنو ڪري 5 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته صنعتي زون جو معائنو ڪري ٻڌايو وڃي ته ڪيترا صنعتي يونٽ فعال آهن ۽ ڪيترن صنعتي يونٽن هن وقت تائين گدلاڻ روڪڻ لاءِ بندوبست ناهن ڪيا. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته اسان کي مفصل ۽ گڏيل رپورٽ ڏني وڃي ته جيئن صورحال واضح ٿي سگهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے