22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بيگم ڪلثوم نواز جاتي امرا ۾ مٽي ماءُ حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي گهرواري ڪلثوم نواز کي جاتي امرا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جاتي امرا ۾ شريف ڪٽنب جي ماڻهن مرحومه جو ديدار ڪيو جنهن بعد ميت کي قبرستان ڏانهن موڪليو ويو. شريف ميڊيڪل سٽي جي فٽبال گرائونڊ ۾ ناليواري دين جي عالم مولانا طارق جميل بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز پڙهائي ۽ دعا ڪئي.  جنازي نماز ۾ مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق، راڻا ثناءُ الله، دانيال عزيز، امير مقام، اقبال ظفر جهڳڙا، مشاهد حسين سيد، اڳوڻي صدر ممنون حسين، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر راڻا اقبال ۽ ٻين پارٽي اڳواڻ شرڪت ڪئي. وفاقي حڪومت طرفان پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ (ق) جو اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي، (ق) ليگ جو صدر چوڌري شجاعت حسين، ڪامل علي آغا، پشتونخواميپ جو محمود اچڪزئي، ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار سميت ٻيا اڳواڻ به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. ان کان سواءِ سيڪيورٽي اختيارين طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون  ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهتا. جنازي نماز بعد ميت کي ايمبولينس  ۾ رکي قبرستان ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي جتي ڪلثوم نواز جي تدفين جا بندوبست مڪمل ڪياويا آهن. بيگم ڪلثوم نواز کي شريف خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ سندس سهري ميان محمد شريف جي پيرانديءَ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويدنو جتي نواز شريف جو ڀاءُ عباس شريف به دفن ٿيل آهي. ان کان اڳ بيگم ڪلثوم نواز جي ميت لنڊن کان لاهور آندي وئي ته ايئرپورٽ تي حمزه شهباز، سلمان شهباز ۽ خاندان جا ٻين فردن ميت حاصل ڪرڻ بعد ان کي شريف ميڊيڪل سٽي اماڻيو جڏهن ته ڪلثوم نواز جا پٽ حسين ۽ حسن نواز پاڪستان نه آيا. ياد رهي ته بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ انهيءَ موذي مرض سان وڙهندي وڙهندي اربع ( 11 سيپٽمبر) تي لنڊن جي اسپتال ۾ خالق حقيقي سان وڃي ملي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے