22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اڪشي ڪمار ۽ رجني ڪانت جي سائنس فڪشن  فلم 2.0 جو پهرين ٽيزر جاري

The Rajinikanth Effect: 2.0 Teaser Gets Blockbuster Welcomeممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو اڪشي ڪمار ۽ رجني ڪانت جي سائنس فڪشن فلم 2.0 جي ٽيزر ايندي ڌم مچائي ڇڏي. ڀارت ۾ هن وقت تائين ٺهندڙ سڀ کان وڏي بجيٽ(450) رپين جي سائنس فڪشن فلم”2.0“ جو ٽيزر ڊگهي انتظار بعد جاري ڪيو ويو ، اها فلم رجني ڪانت جي بلاڪ بسٽر فلم”روبوٽ“ جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ سندس مقابلي ۾ اڪشي ڪمار ايڪشن ۾ نظر ايندو. هي ٻنهي اداڪارن جي پهرين ايڪشن فلم آهي جنهن جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي جڏهن فلم هلندڙ سال 29 نومبر تي ڏياري جي تهوار تي ريليز ڪئي ويندي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ ايڪشن ۽ سائنس فڪشن سان ڀرپور فلم”2.0 “ جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ”VFX“ جو ڀرپور استعمال ذريعي اڪشي ۽ رجني ڪانت جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ کي حقيقي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. فلم 2.0 جي 1 منٽ ۽ 31 سڪينڊن جي ٽيزر ۾ اڪشي ڪمار کي اهڙي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪو پنهنجي طاقت سان عوام کي موبائيل فونن کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي جنهن کي رجني ڪانت هڪ روبوٽ جي مدد سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے