22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

معاشي دٻاءُ چين کي آمريڪا سان واپار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو: ٽرمپ

Economic pressure forced China to trade with the United States: Trumpواشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته معاشي دٻاءُ ۾ اچي واپاري معاهدي لاءِ آمريڪا کي نه پر خود چين مجبور ٿيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي آمريڪي رسالي وال اسٽريٽ ۾ ڇپيل آرٽيڪل جي ترديد ڪندي چيو آهي ته دٻاءُ سبب چين گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيو ۽ آمريڪا سان ”ٽريڊ“ لاءِ راضي ٿيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي شيون اربين ڊالرن جو واپار ڪري رهيون آهن. آمريڪي معيشٽ جو روشن دور ويجهو آهي جڏهن ته چين پنهنجي معاشي تاريخ جي مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي تنهن ڪري دٻاءُ ۾ چين ٿي سگهي ٿو پر آمريڪا نه. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي مارڪيٽ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي جڏهن ته چين جي مارڪيٽ تباهه ٿي رهي آهي. آمريڪا جي مضبوط معيشت سبب چين ٽريڊ لاءِ مجبور ٿيو آهي.آمريڪا تي ڪو به دٻءُ ناهي. واضح رهي ته آمريڪي رسالي اسٽريٽ ۾ شائع ٿيندڙ آرٽيڪل ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اقتصادي جنگ جي دعويٰ ڪندڙ ۽ چين تي سخت اقتصادي پابنديون مڙهيندڙ آمريڪي صدر معاشي دٻاءُ سبب پاڻ چين سان واپار ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے