22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايشياڪپ: وي وي ايس لڪشمڻ شعيب ملڪ کي ڀارتي ٽيم لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ليجنڊري ٽيسٽ بيٽسمين وي وي ايس لڪشمڻ  ايشيا ڪپ ۾ شعيب ملڪ کي ڀارتي ٽيم لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي بيٽسمين لڪشمڻ چيو آهي ته شعيب ملڪ ان کان اڳ به ڀارت خلاف بهترين ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، کيس ڀارت ۽ وڏين ميچن جو تجربو پڻ آهي هو اسپين بالنگ کي پڻ بهترين انداز ۾ کيڏندو آهي، مونکي محسوس ٿي رهيو آهي ته هو هن ايونٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن ۾ اسٽرائيڪ بدلائڻ، بال کي بائونڊري کان ٻاهر موڪلڻ ۽ آسان سنگلز وٺڻ جي صلاحيت موجود آهي. لڪشمڻ وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان 2 اسپنر چاهل ۽ ڪلديپ ياديو تي ڀاڙيو ويندو ، جڏهن ته پاڪستان اوپنر فخر زمان ۽ ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪندڙ بابر اعظم تي ڀاڙيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے