22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاوش اولو ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ترڪ پرڏيهي وزير جنرل هيڊ ڪوارٽر پهچي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران پاڪ ترڪ لاڳاپن سميت علائقائي ۽ وچ اوڀر جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف ۽ ترڪ پرڏيهي وزير وچ ۾ دفاعي ۽ سلامتي بابت ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ترڪ پرڏيهي وزير خط جي تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي بردار ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي جو به عزم ورجايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے