22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم مان بهترين ڪارڪردگي جي اميد آهي: جاويد ميانداد

The Asia Cup has a great hope for national team in the team: Javed Miandadڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ دلچسپ مقابلا ٿيندا.هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته ڪرڪيٽ باءِ چانس واري راند آهي جيڪا ٽيم ملندڙ موقعي ۾ فائدو کڻندي اها ڪامياب رهندي. ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ سموريون ٽيمون بهترين آهي پر اها ڳالهه درست آهي ته جيڪا ٽيم وڌيڪ بهتر هوندي آهي ان تي دٻاءُ به وڌيڪ هوندو آهي، ايونٽ ۾ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي آسان مخالف نه سمجهڻ گهرجي، اها ٽيم اڳتي وڌي رهي آهي ۽ ناڪامي جو ڪو به خوف نه هئڻ سبب ان تي واڌو دٻاءُ پڻ نه هوندو. ايونٽ ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جي شرڪت نه ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ اڳوڻي ڪپتان چيوته ورات ڪوهلي ڀارتي ٽيم جو اهم حصو آهي، سٺي رانديگر جي موجودگي ڪنهن به ٽيم لاءِ ايڊوانٽيج هوندو آهي، ورات ڪوهلي کانسواءِ به ڀارتي ٽيم بهترين آهي. جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ بهترين نتيجن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، هڪ سٺو رانديگر مئچ کٽرائيندو به آهي جڏهن ته ڪو هڪ رانديگر ناڪامي جو به سبب بڻجندو آهي، هن قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٽاپ ڪرڪيٽرن جي حوالي سان چيو ته انهن کي مقابلي دوران پنهنجو ڪردار نموني ادا ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے