22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

گرانٽ بريڊبرن گرين شرٽس جي فيلڊنگ کي بهترين بڻائڻ جو پڪو پَهه ڪري ورتو

Grant Brodberen made sure to make the best of the Green Shirts fieldدبئي( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين فيلڊنگ ڪوچ ٽيم جي فيلڊنگ کي بهتر بڻائڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. دبئي ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نئين فيلڊنگ ڪوچ چيو ته گرين شرٽس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي. ذميواري سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن ڪرڪيٽرن ۽ اسٽاف وڏي گرم جوشي سان استقبال ڪيو، مونکي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته رانديگر فيلڊنگ ۽ فٽنس جي بنيادي گهرجن کان آگاهه آهن، ڪنهن به ڪامياب فيلڊنگ ٽيم لاءِ رانديگرن جو فٽ ۽ مضبوط هئڻ ضرروي آهي ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۾ اهي ٻئي شيون موجود آهن ۽ هو پنهنجي سرگرمين مان محفوظ پڻ ٿيندا آهن. گرانٽ بريڊبرن چيو ته پهرين ڏينهن منهنجي ٻڌايل ڊرلز تي ڪم ڪندي کين تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پيو، ان ئي جوش ۽ جذبي سان درست رستي تان وڌندا رهياسين ته بهتر کان بهتر تائين منزل حاصل ڪري وٺنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے