22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ بس  جي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 13 مسافر فوت

13 passengers died in bus blast in Wall Streetسرينگر( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ مسافر بس جي اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 13 مسافر فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ ۾ مسافر بس 3 سئو فٽ اونهي کاهي ۾ ڪري تباهه ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 13 مسافر فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا. حادثو ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو. ريسڪيو ٽيمون امدادي ڪاروائي ڪندي فوتين ۽ زخمين مسافرن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ضلعي ڪشتواڙ جي ڊپٽي ڪمشنر انگريز سنگهه راڻا افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 5، 5 لک ۽ زخمين لاءِ في ماڻهو 50 هزار امدادي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ مهيني ان ضلعي ۾ ڪنهن مسافر بس سان پيش ايندڙ اهو ٽيون وڏو حادثو آهي. ان ضلعي ۾ هلندڙ مهيني روڊ حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 45 کان وڌي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے