22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پشين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 3 ليويز اهلڪار شهيد

The car accident of FC personnel in Balochistan was abducted in Balochistanپشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشين ۾ باءِ پاس تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا. بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ باءِ پاس ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 شديد زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ڀرسان ٿيو جيڪو موٽرسائيڪل ذريعي ڪيو ويو. ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ويجهو ايندي ئي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. پوليس موجب ڌماڪي ۾ هڪ گاڏي کي نقصان پهتو جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 2 شديد زخمي ٿي پيا. زخمي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب ڌماڪي وقت اسسٽنٽ ڪمشنر گاڏيءَ ۾ موجود نه هو.  ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ ليويز جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ليويز  به سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڌماڪو آپگهاتي هو يا ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو ان جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي. ڌماڪي کانپوءِ ويجهو واري اسپتال ۾ به هاءِ الرٽ ڪيو ويو ۽ پشين باءِ پاس کي آمدرفت لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے