22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

افغان فوج جو آپريشن، 36 طالبان مارجي ويا

The operation of the Afghan army, killed 36 Talibanڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغان فوج جي بغلان صوبي ۾ زميني ۽ هوائي آپريشن جي نتيجي ۾ اهم ۽ سينيئر ڪمانڊرن سميت 36 طالبان جي مارجڻ ۽ ٻين 12 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. افغان ميڊيا افغان ملٽري جي شاهين ڪور طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اترائين صوبي بغلان جي علائقن شش ڪاپي، لار خابي ۽ ڊهنڊ شهاب الدين ۾ طالبان خلاف افغان فوج زميني ۽ هوائي آپريشن ڪيو جنهن نتيجي ۾ ڪيترن ئي اهم ڪمانڊوز سميت 36 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب مارجي ويلن ۾ سينيئر طالبان ڪمانڊرن ۾ قادر، قار خالد، ملا ابراهيم، قاري ظاهر، غازي، ملنگ ۽ ملا حديفه جلال آبادي شامل آهن جڏهن ته طالبان طرفان ان سلسلي ۾ ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے