22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي ٽرافي جي رونمائي تقريب اڄ ٿيندي

دبئي ( ايشيا ڪپ ) 14 هين ڪرڪيٽ  ايشيا ڪپ ايونٽ جي باقاعدا شروعات سڀاڻي کان دبئي ۾ ٿي رهي آهي. جڏهن ان کان اڳ اڄ ٽرافي جي رونمائي ڪئي ويندي. دبئي ۾ اڄ مختصر تقريب ٿيندي جنهن ۾ ايونٽ جي ٽرافي جي رونمائي ڪئي ويندي، ايونٽ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيو آهن جن کي ٻن گروپ ۾  ورهايو ويو آهي. پاڪستان ڀارت ۽ هانگ ڪانگ گروپ اي ۾ جڏهن ته سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان کي گروپ بي ۾ شامل آهن. ايونٽ جي باقاعدا شروعات بنگلاديِش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندڙ مئچ سان ٿيندي جيڪا پاڪستاني جي معياري وقت موجب شام ساڍي چئن وڳي  شروع ٿيندي. ايونٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 19 سپٽمبر تي ٿيندو. ياد رهي ته ايشيا ڪپ هر ٻئي سال منعقد ٿيندو آهي ۽ گذريل 5 ايونٽن ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت ٻه ، ٻه ۽ پاڪستان هڪ ايونٽ پنهنجي نالي ڪيو آهي. پاڪستان 2008 ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪئي هئي ۽ ٽرافي سريلنڪا جي نالي رهي جڏهن ته ميزباني ڪئي ۽ ڀارت فاتح رهيو. 2012 ۾ ۽ ان کانپوءِ به لاڳيتو ٻه ڀيرا بنگلاديش ايونٽ جي ميزباني ڪئي ته 2012 ۾ گرين شرٽس ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي ۽ جڏهن ته 2014 ۾ سريلنڪا ۽ 2016 ۾ ڀارت فاتح رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے