22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ميٽرو بسن جي جاچ منظور، ڪيڊ وزارت ختم، ڦريل دولت واپسي لاءِ يونٽ قائم

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا پنجاب جي ميٽرو بس منصوبن جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي ملڪ مان ڪرپشن وسيلي ٻاهر اماڻيل رقم جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪري ڇڏيو. ميڊيا انڪم ٽيڪس ۾ اضافي جي دعويٰ ڪئي آهي. جنهن کي رد ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز دور ۾ حڪمرانن اربين رپيا خرچ ڪيا. هن خيبر پختون خواه جي سي ايم ۽ گورنر هائوس ۾ خرچن جا تفصيل فراهم نه ڪيا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڪيڊ ڊويزن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وفاق ۾ صحت بابت معاملا وزارت نيشنل هيلٿ سروسز جي ماتحت ڪرڻ ۽ ملڪي ادارن ۾ ريگيوليٽري نظام جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ  ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اورنج ٽرين سميت گذريل حڪومت جي سمورن ماس ٽرانزٽ منصوبن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت راولپنڊي، لاهور، ملتان ۽ پشاور ميٽرو بس منصوبن جو عالمي معيار جي آڊٽ  فرم کان خاص آڊٽ ڪرائي ويندي. ذريعن موجب ڪابينا ملڪ ۾ ڪرپشن ڪري ٻاهر اماڻيل اثاثن جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ريڪوري يونٽ احتساب جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي معاونت ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان نيوي ايڪٽ 1961ع ۾ ترميم ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي. نالي واري صحافي حامد مير ٻڌايو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ ترميم ڪري ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي آهي. سال ۾ 4 لک رپيا آمدني تائين ڪو به ٽيڪس نه هوندو. 4 کان 8 لک رپين تائين 2 هزار رپيا، 8 کان 12 لکن تائين 3 هزار، 24 لک رپين تائين 60 هزار رپيا، 48  لکن تائين 3 لک رپيا ٽيڪس ۽ 15 سيڪڙو سيلف ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ڪابينا اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته لاهور ميٽرو بس تي حڪومت هر سال 4.2 ارب رپيا، راولپنڊي – اسلام آباد ملتان جي ميٽرو تي ٻه ٻه  ارب رپيا سبسڊي ڏيندي آهي، پنجاب حڪومت کي انهن ٽن منصوبن تي 8 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو آهي ۽ في الحال اندازو ناهي ته ڪيتري عرصي تائين پنجاب حڪومت اها رقم ادا ڪري سگهي پر حڪومت طرفان اها سبسڊي نه ڏني وئي ته منصوبا بند ٿي ويندا. هن چيو ته پشاور جي ميٽرو منصوبي ۾ حڪومت کي ڪا سبسڊي نه ڏيڻي پوندي، ڇو ته اهي بسون حڪومت جون خريد ڪيل آهن، جڏهن ته لاهور جون بسون ڪرائي تي ورتل آهن. لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائن ٽرين منصوبي تي 3.5 ارب رپيا سبسڊي ڏيڻي پوندي. ڪابينا اجلاس جي حوالي سان سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گئس جي کوٽ سبب يوريا ڀاڻ جي پيداوار رُڪجي وئي آهي، اجلاس ۾ 15 نومبر تائين پنهنجي پلانٽن کي مڪمل گئس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني ٽيلي ويزن جي بورڊ آف گورنرز جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ هارون شريف کي سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل کي به بورڊ ميمبرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي وي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين وزير هوندو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪيڊ وزارت ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊيم فنڊز جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته ڪابينا چيف جسٽس جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ڊيمز فنڊ جي رقم انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ کان آجي هوندي. سندس چوڻ هو ته پگهار کڻندڙ طبقي جي ٽيڪس، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت خبرون بي بنياد آهن، ڪمزور طبقي جو ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي. وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا تي فنانس بل نه هو ۽ نه ئي ان جي ڪا منظوري ٿي آهي، ميڊيا کي افواهن بدران خبرون تصديق کانپوءِ نشر يا شايع ڪرڻ گهرجن، پرڏيهي ملڪن مان رقم واپس آڻڻ جي لاءِ خصوصي يونٽ بين الاقوامي فرانزڪ ماهرن جو خدمتون وٺندو، اجلاس ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا ڪئي وئي، هن ٻڌايو ته يوريا ڀاڻ گهرائڻ تي 34 کان 35 ملين ڊالر اضافي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ جيڪا به اضافي قيمت آهي اها حڪومت پاڻ برداشت ڪندي ۽ آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي، هن ٻڌايو ته اورينج ٽرين منصوبو 250 ارب تي پهچي چڪو آهي، ايتري لاڳت سان خيبر کان ڪراچي تائين ٽريڪ کي ڊبل ڪري سگهيا پي پر ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته سرڪاري جاين جي حوالي سان تفصيلن جو جائزو ورتو ويو آهي، 34 هزار 459 ڪينال تي عمارتون ٺهيون آهن، مجموعي طور تي 34 هزار 459 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ٿي آهي جنهن کي ڪمرشل مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري آمدني حاصل ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته گذريل پنج سال جي دوران وزيراعظم آفيس جا خرچ 2.3 ارب روپيا، وزيراعليٰ پنجاب آفيس جا خرچ 2.9 ارب، گورنر آف پنجاب جي آفيس جا خرچ 1.29 ارب، سنڌ جي گورنر جي آفيس جا خرچ 1.4 ارب روپيا سامهون آيا آهن، ٻي طرف پنڊ دادن خان جهڙي ضلعي ۾ پاڻي نه آهي ان جي لاءِ 35 کان 40 ڪروڙ گهربل آهن ۽ باقي ضلعن ۾ اسپتال، بنيادي مرڪز صحت ۽ سهولتون نه آهن، جيڪڏهن هڪ هڪ ماڻهو تي ايترا پئسا خرچ ڪنداسين ته معاملا ڪيئن اڳتي هلندا ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري مهم شروع ڪئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ هڪ خط پي بي اي کي لکيو آهي جنهن ۾ درخواست ڪئي آهي ته اسان کي ٻڌايو ته حڪومت ڪيئن مدد ڪري سگهي ٿي، ته ميڊيا ملازمن کي پگهار وقت تي ملي ماڻهن کي روزگار تان فارغ نه ڪيو وڃي، صحافتي تنظيمن سان رابطي ۾ آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته وزيراعظم هائوس جي گاڏين جي نيلامي 17 سيپٽمبر تي ٿيندي، سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن انهن گاڏين جي انسپيڪشن ٿي سگهي ٿي، هيلي ڪاپٽرز جي نيلامي جو فيصلو ناهي ٿيو ممڪن آهي هي هيلي ڪاپٽر ايئر ايمبولينس جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي ڏنا وڃن پر ماڻهو مينهون وٺڻ لاءِ ضرور اچن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے