22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم هائوس ۾ يونيورسٽي، چئني گورنر هائوسن ۾ ميوزيم ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کي اعليٰ درجي جي يونيورسٽي ۽ چئني گورنر هائوسز کي ميوزيم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين سرڪاري عمارتن کي سياحتي ماڳن ۽ هوٽلن ۾ تبديل ڪيو ويندو، انهن عمارتن تي ايندڙ سالياني 105 ڪروڙ روپين جي خرچ جي بچت ٿيندي. خميس ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ تاريخي عمارتن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي تجويز ڪيل منصوبي جي باري ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجي خطاب ۾ سادگي اختيار ڪرڻ جو چيو هو، حڪومت شاهاڻي خرچن کي ختم ڪري سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 1096 ڪينال تي ٻڌل وزيراعظم هائوس اسلام آباد کي هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو، وزيراعظم هائوس تي ساليانو 47 ڪروڙ روپين جو خرچ اچي ٿو جنهن جي بچت ٿيندي، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس جي پويان موجود زمين تي يونيورسٽي جي لاءِ عمارت تعمير ڪئي ويندي، يونيورسٽي جي لاءِ پي سي ون جوڙي ويندي، يونيورسٽي جي قيام جي لاءِ تعليم واري وزير شفقت محمود، ايڇ اي سي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي. هي يونيورسٽي تعليمي لحاظ کان منفرد هوندي، هن چيو ته گورنمينٽ هائوس مري جنهن جي رنگ روغن تي تازو ئي پنجاب حڪومت 60 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا آهن ان کي هيريٽيج بوتيڪ هوٽل بڻايو ويندو، ان عمارت تي ساليانو 4 ڪروڙ روپيا خرچ ايندو هو، هن چيو ته اڍائي ڪروڙ خرچ واري پنجاب هائوس مري کي سياحتي ڪمپليڪس ۾ تبديل ڪيو ويندو، تعليم واري وزير ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ پنجاب هائوس ۽ ان سان گڏ گورنر انيڪسي جيڪا مجموعي طور تي 70 ڪينال زمين تي ٻڌل آهن انهن تي ساليانو 4 ڪروڙ روپيا خرچ اچي ٿو انهن کي اعليٰ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان باري ۾ فيصلو پنجاب حڪومت ڪندي، هن چيو ته گورنر هائوس لاهور جيڪو 700 ڪينال ايراضي تي ٻڌل آهي ۾ قائم ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ اسڪول کي ڌار ڪري عمارت ۾ ميوزيم ۽ آرٽ گئلري ٺاهي ويندي، جڏهن ته ان جي پارڪن کي عوام جي لاءِ کوليو ويندو، گورنر هائوس جي مال روڊ واري ڀت کي ڪيرائي اتي خوبصورت جهنگلو لڳايو ويندو ته جيئن عوام ٻاهر کان به ان جو نظارو ڪري سگهي. هن چيو ته اجلاس ۾ 19 شاهراهه قائد اعظم کي ڪرافٽ ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي وڏي وزير جي آفيس قائم هئي ۽ ان عمارت تي 8 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ ايندو هو، ان عمارت جي ڪانفرنس هال کي پبلڪ جي لاءِ رينٽ آئوٽ ڪيو ويندو ۽ ان مان به آمدني حاصل ٿيندي، هن چيو ته چنبا هائوس جيڪا تاريخي عمارت آهي کي گورنر آفيس جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، اسٽيٽ گيسٽ هائوس مال روڊ لاهور فارن آفيس سان ڳالهائڻ کانپوءِ فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس ڪراچي ۾ ميوزيم ٺاهيو ويندو اها تجويز حڪومت سان گڏجي اڳتي وڌائي ويندي، جڏهن ته اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي کي گورنر هائوس طور استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ قصر ناز ڪراچي جي عمارت کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس بلوچستان کي ميوزيم ۽ بلوچ ثقافتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته ان جي پارڪ کي صرف عورتن جي لاءِ مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس پشاور جيڪا هڪ تاريخي عمارت آهي ان کي ميوزيم ۽ قبائلي ثقافت جو عڪاس بڻايو ويندو، نٿياگلي گورنر هائوس کي هڪ اعليٰ درجي جي هوٽل ۽ سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪيو ويندو، هن چيو ته ان سان حڪومت کي ساليانو 105 ڪروڙ روپين جي بچت ٿيندي ۽ اهي عمارتون آمدني جو ذريعو بڻجنديون، هن چيو ته انهن فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ عملدرآمدي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا ان تي عمل ڪرائيندي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن ورثي جي عمارتن کي ٻيهر استعمال ۾ آڻڻ بابت وزيراعظم آفيس ۾ بريفنگ جي صدارت ڪئي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود وزيراعظم کي ورثي عمارتن جي ٻيهر استعمال جي تجويز ڪيل منصوبي جي باري ۾ هيستائين جي ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے