22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بيگم ڪلثوم نواز جي لنڊن ۾ جنازي نماز، مڙهه پاڪستان لاءِ روانو، اڄ رائيونڊ ۾ تدفين

لنڊن/ لاهور (م ڊ) بيگم ڪلثوم نواز کي اڄ شام مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. لنڊن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. مڙهه صبح لاهور پهچندو، نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز جو مڙهه کڻائڻ لاءِ شهباز شريف لنڊن پهتو ته حسين نواز چاچي سان  ملي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ شهباز شريف، حسن، حسين سان گڏ اسحاق ڊار، چوڌري نثار، بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ثناءُ الله زهري، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. رات ڏهين وڳي شهباز شريف خاندان جي 13 فردن سان مڙهه کڻائي روانو ٿيو. جيڪو صبح پهچي ويندو. ايئرپورٽ تي حمزا، سلمان شهباز، يوسف عباس سميت 5 ڄڻا روانا ٿيندا. پنجاب حڪومت جا 3 عملدار به موجود هوندا. شريف ميڊيڪل سٽي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. جنهن بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ ميان شريف جي قبر ڀرسان تدفين ٿيندي. هوڏانهن ڪالهه به جاتي امرا ۾ نواز شريف ۽ ٻين سان  مولانا فضل الرحمان، ڪشميري وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ ٻين ڏک ونڊيو، ان دوران نواز شريف جي اچڻ تي ڪارڪنن نعري بازي ڪئي ۽ نواز شريف سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران رش ۾ فضل الرحمان ۽ نواز شريف کي ڌڪا لڳا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري ميان نواز شريف سان تعزيت ڪندا. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ قمر زمان ڪائره شرڪت ڪندا. ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ ان جو پٽ بلاول ڀٽو نواز شريف سان ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيتي ملاقات ڪندا. پنجاب حڪومت طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ان جي ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ 5 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي . جڏهن ته پنجاب حڪومت نواز شريف مريم نواز ۽ ڪيپٽن ر صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ 5 ڏينهن جي اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي وفات کان پوءِ نواز شريف ، مريم نواز ڪيپٽن (ر) صفدر کي حڪومت 12 ڪلاڪ لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. ان کان پهريان  اطلاع  مليو هو ته نواز شراف پيرول تي آزادي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نواز شريف مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر هن وقت جاتي امرا ۾ موجود آهن ۽ بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه اڄ رات اتي آندو ويندو جنهن کان پوءِ سڀاڻي شام 5 بجي جنازي نماز جي ادائيگي کان پوءِ ان جي تدفين ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن شهباز شريف طرفان  نواز شريف مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي 5 ڏينهن لاءِ  پيرول تي آزادڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي ڇو ته مڙهه لندڻ کان واپس آڻڻ ۽ تدفين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن لڳندا جئين ته پنجاب حڪومت شروعاتي طور تي ٽنهي کي 12 ڪلاڪن لاءِ آزاد ڪيو هو جنهن ۾ هاڻي 5 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے