22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فرزانا جمالي کي ڪوڙو ڪوٺڻ خلاف پي ٽي آءِ جي علامتي بک هڙتال

نوابشاهه(ڊر)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽيمنٽ جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي انصاف نه ملڻ ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران شاگردياڻي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ واري عمل خلاف پي ٽي آءِ نوابشاهه پاران اڳوڻي ايم پي اي عنايت رند، تيمور ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٽئين  ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي  عنايت رند چيو ته  اسان کي افسوس آهي جو سنڌ ۽ نوابشاهه جي نياڻي فرزانا جمالي سان ٿيل ظلم تي پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت پاران ڌر ٿي نياڻي کي ڪوڙو ڪوٺيو پيو وڃي. هن چيوته وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ نياڻين لاءِ رسڪ آهن، ان ڪري پ پ پ حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ شاگردياڻي کي انصاف فراهم ڪري، هن چيوته اسان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين ۽ فرزانا جمالي کي انصاف ڏيارڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين، هوڏانهن  جمالي برادري جو اڳواڻ مير ذوالفقار جمالي نوابشاهه پهچي متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي سان ملاقات ڪري هر قسم جي مدد ڪڻ جي خاطري ڪرائي.جڏهن ته ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو پڻ همدردي طور پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي پهتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے