22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

خالد لنڊ جي زرداري سان ملاقات، گهوٽڪي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خالد لنڊ جي بلاول هائوس ۾ آصف زرداري سان ملاقات، خالد لنڊ پاران گھوٽڪي ضلعي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو مطالبو ڪندي پارٽي جي شريڪ چيئرمين کي گھوٽڪي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي. خالد لنڊ چيو آهي ته آصف علي زرداري سان سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، ۽ پئڪيج ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه پيپلز پارٽي جي گھوٽڪي ضلعي مان چونڊيل ايم اين اي خالد احمد لنڊ جي بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي. جنهن دوران خالد لنڊ جو پُٽ ۽ ميرپور ماٿيلو ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين شهباز لنڊ به شريڪ هو. ملاقات دوران خالد لنڊ پارٽي جي شريڪ چيئرمين کي چيو ته گھوٽڪي ضلعي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي. جنهن ڪري گھوٽڪي جا پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار بڻيل آهن. آصف علي زرداري کيس يقين ڏياريو ته صنعتي ادارن جي انتظاميا کي پابند بڻائڻ لاءِ انتظاميا سان ڳالهايو ويندو. ان کان علاوه ايم اين اي پاران گھوٽڪي ضلعي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو پڻ مطالبو ڪيو. جنهن تي آصف علي زرداري کيس پئڪيج ڏيڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ان سلسلي ۾ خالد لنڊ ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي سميت سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ مقامي ماڻهن جي روزگار جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے