22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نواب شاهه ڀرسان جهيڙو، 2 نوجوان قتل، پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

نوابشاهه:(رپورٽ: اڪرم چانڊيو)کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنوار زاهد ليکي ۾ معمولي ڳالهه تان ليکي ۽ گدارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گدارا برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ ليکي برادري جا ٻه نوجوان سعيد محمد پٽ تاج محمد ۽ فرمان علي پٽ صاحب خان ليکي موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ليکي برادري جا 4 ڄڻا سليم،صاحب ۽ برڪت علي حليم ليکي زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ آندو ويو آهي جڏهن ته ته قتل ٿيل ٻنهي نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پي ايم يو اسپتال آندا ويا جتي ڊاڪٽرن پاران حد جو تڪرار ڄاڻائي پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو جنهن تي فوتين جا وارث مڇرجي پيا ۽ ايم ايس آفيس آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو بعد ۾ اسپتال انتظاميه لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو جنهن بعد فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارث سندن لاش کڻائي ويا انهي موقعي تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن چيو ته به ڏينهن اڳ رات جو جوابدار قاسم گدارو،اعجاز،غلام عباس ۽ راضي شراب پي اسان جي ڳوٺ ۾ آيا اتي ڪتن کي ڌڪ هنيا ۽ اسان جي منع ڪرڻ باوجود اسان سان منهن ماري ڪئي ۽ فائرنگ ڪئي، اهڙي اين اسي اسان کڏهر ٿاڻي تي داخل ڪرائي ۽ ايس ايڇ او کڏهر صلاح الدين ميمڻ جوابدارن کي گرفتار ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او کي بار بار چيو سين ته جوابدار ڏوهاري آهن ۽ انهن ۾ قاسم گدارو اڳ ۾ به پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيو هو ۽ هو خطرناڪ قسم جا ماڻهو آهن وري جهيڙو ڪندا پر پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اڄ اسان جا ٻه ماڻهو قتل ٿي ويا آهن ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے