22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ميهڙ جي مقتولن جي ڪيس مان سردار چانڊئي ۽ ٻين جا نالا خارج ڪرڻ واريون درخواستون رد

سکر (رپورٽر) ميهڙ ۾ قتل ٿي ويل ام رباب چانڊيو جي والد،ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ملوث ڄاڻايل جوابدار سردار خان ۽ برهان خان چانڊيو پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان ضمانت ڪرائڻ بعد ڪيس ۾داخل ٿيل نالا خارج ڪرائڻ ۽ ضمانت پڪي ڪرائڻ لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ٽي رڪني بئينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ ٽي رڪني بئنچ سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو پاران ضمانت پڪي ڪرڻ سان گڏ ڪيس مان نالا خارج ڪرڻ واريون ٻئي درخواستون رد ڪندي ضمانت ۽ ڪيس هلائڻ لاءِ دهشتگردي ڪورٽ سکر سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ مان ڪيس جي ٻڌڻي بعد ام رباب چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان منهنجي والد،ڏاڏي ۽ چاچي مقتول ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ سردار خان ۽ برهان خان چانڊيو پاران داخل ضمانت ۽ ڪيس مان نالا خارج ڪرڻ واريون درخواستون رد ٿيڻ بعد وڌيڪ انصاف جي اميد ظاهر ٿي آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان آيل فيصلو انصاف ڀريو هو جنهن سان جوابدار ڌر کي ڪيس مان ڀڄڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هاڻ جوابدار دهشتگردي ڪورٽ سکر ۾ ضمانت ۽ ڪيس هلائڻ لاءِ درخواستون ڏيندي جتي ڀرپور نموني ڪيس جي پوئواري ڪري جوابدار سردار ڀائرن ۽ ٻين کي سخت کان سخت سزا ڏياري والد سميت ٽنهي قتلن جو حساب ورتو ويندو. ياد رهي ته سنڌ هاءِڪورٽ سکر جي ڊبل بئنچ سردارخان ۽ سردار برهان چانڊيو جا نالا قتل ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد ڪيس نوشهروفيروز دهشتگردي ڪورٽ مان سکر دهشتگردي ڪورٽ ٽرانسفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے