22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

روڪٿام باوجود هلندڙ سال هڪ ڪروڙ ماڻهو ڪينسر سبب حياتيون وڃائي ويٺا

پئرس (ويب ڊيسڪ) عالمي اداري طرفان هڪ رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته روڪٿام ۽ تڪڙي سڃاڻپ باوجود هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو ڪينسر سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا. انٽرنيشنل ايجنسي فار ريسرچ آن ڪينسر جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2018 دوران سڄي دنيا ۾ هڪ اندازي موجب هڪ ڪروڙ 81 لک ڪينسر جا نوان ڪيس سامهون آيا، جن مان 96 لک ماڻهو حياتيءَ جي جنگ هارائي ويا. موت جي شرح ۾ اضافي جو سبب آبادي جو وڌڻ، پوڙهو ٿيڻ، صحتمند نه هجڻ ۽ وڏي معيشت سان سلهاڙيل ماڻهن جي خطرناڪ روايتي رهڻي ڪهڻي آهي. آءِ اي آر سي موجب پرهيز ڪرڻ، ورزش لاءِ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، تماڪ واپرائڻ کان روڪڻ ۽ صحتمند غذائون کائڻ سان ڪجهه ڪينسر جي مختلف قسمن ۾ گهٽتائي ضرور ٿي پر سڀني ڪوششن باوجود هاڻ به مريضن جو مجموعي انگ وڌي رهيو آهي. اداري جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر والڊ جو چوڻ هو ته نوان انگر اکر ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته ڪينسر جي ان خطرناڪ صورتحال ۽ عالمي ٻوجهه کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ پرهيز ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پنجن مان هڪ مرد ۽ ڇهن مان هڪ عورت ڪينسر جو شڪار ٿي، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو هو ته اها بيماري 21هين صدي ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب بڻجندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے