22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ماهرا خان خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان جي هڪ ويڊيو منظر تي آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ عورتن کي وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ ڪجهه گهريلو ۽ سولا ٽوٽڪا ٻڌائي رهي آهي. ويڊيو ۾ من موهڻي اداڪارا ماهرا خان پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائيندي چيو آهي ته جڏهن مان ننڍي هيس ته ماءُ بيوٽي پارلر وڃڻ نه ڏيندي هئي ۽ نه ئي ميڪ اپ استعمال ڪرڻ ڏيندي هئي پر منهنجي ماءُ مون کي اهڙو ٽوٽڪو ٻڌايو، جيڪو اڄ تائين استعمال ڪندي آهيان ۽ اهو ئي منهنجي خوبصورتي جو راز آهي. ميشن نالي يوٽيوب چئنل تي جاري ٿيندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماهرا خان ليمي جي رس ۽ ماکي کي مڪس ڪري پنهنجي چهري تي لڳائي ٿي ۽ 10 منٽن کانپوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٿي. ماهرا خان جو چوڻ هو ته ان طريقو عورتن جي جلد ڊگهي عرصي تائين جوان ۽ خوبصورت رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اداڪارا چيو ته مصروفيت سبب مان اهو ٽوٽڪو روز روز استعمال ناهي ڪري سگهجي پر جڏهن به وقت ملندو آهي ته ائين ضرور ڪندي آهيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے