23 ڇنڇر , جون 2018

سياست ۽ ڏوهه – ولي محمد ڦل

wali Muhammad Phulمتحده جي سربراهه ۽ سموري قيادت 1988ع کان ظلم، فساد، قتل وغارت، ڀتاخوري، لينڊ مافيا، کلون چوري، وغيره ۾ ملوث رهي آهي جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو پهريون لساني وزارت اعظميٰ وارو دور شروع ٿيو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪنهن ڪرايا. نوجوانن ۽ معصوم نياڻين عورتن کي سرعام گوليون هڻي ڪنهن شهيد ڪيو هو پر تڏهن به پ پ حڪومت متحده خلاف ڪي سخت قدم نه کنيا ۽ نه ظالمن کي ڪا سزا ملي. وري 1992ع ۽ 1993 ۾ نوازشريف سرڪار ڪراچي جي حالتن تي رحم کائي سرچ آپريشن ڪيو جيڪو پوري سنڌ ۾ ڪامياب ويو ۽ ڌاڙيلن کي پڻ ناس ڪيو ويو ڪراچي حيدرآباد ۾ لساني تنظيم جي ويڙهاڪن وٽان ڪروڙين رپين جو اسلحو پڪڙيو ويو جنهن ۾ گن مشنيون، ڊرل مشينون جنهن ذريعي بي گناهه ماڻهو ماري سوراخ سان پُرڻ ڪري لاش ٻورين ۾ وجهي ٻاهر اڇلايا ويندا هئا. ان کان پوءِ به ظلم جو اهو سلسلو جاري رهيو سنڌي حڪمران خاموش رهيا، سنڌ جون عدالتون، جج، وڪيل جيڪڏهن متحده خلاف ڪيس ڳائيندا هئا ته انهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ۽ ڪيترن ئي وڪيلن کي زندهه ساڙيو ويو، ڪيترن ئي مٿان گوليون پڻ هلايون ويون. جڏهن سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار چوڌري جي حق ۾ وڪيل مظاهرا ڪري رهيا هئا ته ڪيترائي وڪيل شهيد ڪيا ويا، پوليس جا اعليٰ آفيسر ڊي ايس پيز، انسپيڪٽر، سپاهي ۽ سنڌ جا ڳڀرو ماڻهو اڄ تائين هزارن ۾ مارجي ويا!! وري ان تنظيم سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۽ چوڪن تي سرعام آدها همارا آدها تمهارا، سنڌ جي ڌار صوبو بنائڻ جهڙا شرمناڪ قدم کنيا، پوءِ به سرڪار خاموش رهي. پوءِ به سياسي اڳواڻن خاص ڪري پ پ حڪومت مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪري قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻڙڪيو ويو، سياسي سماجي ڌرين سميت هر امن پسند شخصيتن پاران متحده جي ظلم خلاف آواز اٿاريو ويو پر پوءِ به ڪو نتيجو نه نڪتو. آخرڪار نوازشريف سرڪار اچڻ بعد نائين زيرو تي ڇاپو هنيو ويو جنهن ۾ به هٿيار ۽ دهشتگرد پڪڙجي جيلن ۾ واڙجي ويا آهن. اهي ئي ٽارگيٽ ڪلر جيڪي سنڌ جي روشنين واري شهر ۾ روزانو جي بنياد تي 20 کان 30 ماڻهو مارڻ جو ٺيڪو کنيو هو انهن ۾ به ڪمي اچي وئي آهي ڪراچي ۾ فوج پاران آپريشن جاري آهي امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿيندي پئي وڃي. مصطفيٰ ڪمال جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي آهي سا بلڪل حق ۽ سچ تي مبني آهي. ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال متحده جا ظلم ڏسي ۽ الله پاڪ جو خوف دل ۾ رکي پنهنجو داستان کوليو آهي سٽي ناظم خلاف متحده وري به چوي ٿي ته اهو ڊرامو آهي اها سازش آهي. متحده سربراهه عمران فاروق قتل ڪيس ۾ به گهربل آهي ڪراچيءَ ۾ 2007 ۾ جڏهن شهيد راڻي پير پاتو ته لکين ماڻهن جي موجودگي آجيان ۾ گوليون بم ڪنهن وسايا؟ جنهن ۾ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا..!! جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي، اپاهج بڻجي ويا. مشرف جي دور ۾ شهيد راڻي کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو. اهو مشرف آمر متحده جو ئي حامي رهيو آهي. عدالتن سڳورين ۽ فوج کي هاڻي انهن خلاف عملي قدم کڻڻ گهرجي، پر هاڻي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي چڪا آهن هاڻي ته عوام جي ويري کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي!!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے