19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان پاران صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ضلعي انتظاميه مٽياري کي محرم الحرام دوران سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ، انٽيلي جنس نيٽ ورڪ هاءِ الرٽ ۽ مڪاني ادارن کي صفائي سٿرائي جا خاص انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊي سي آفيس مٽياري ۾ عاشوري دوران سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير مخدوم الزمان لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي جوڳا اپاءَ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊي سي مٽياري پرويز احمد بلوچ، ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين ۽ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر وقار انصاري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم الزمان چيو ته سنڌ سرڪار محرم الحرام دوران امن ۽ امان جي صورتحال بهتر رکڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ جوڳا انتظام ڪيا آهن، هر صورت ۾ جوڙيل ضابطي اخلاق تي عمل ڪرايو ويندو.

هڪ سوال جو جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته ڀٽ شاهه لطيف سرڪار جي نگري ۽ سڄي دنيا جو مرڪز آهي، درگاهه تي سڪيورٽِي لاءِ انتظاميه طرفان ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے