19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | کپرو: زال ۽ ڌيءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

کپري ڀرسان مڙس هٿان قتل ڪيل زال ۽ ڌيءُ واري واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي.

ڳوٺ صابر کبير ۾ جوابدار موسيٰ کيبر  هٿان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ ڌيءُ جي قتل واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺي ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي کان ٻٽي قتل جا تفصيل ورتا.

نوٽيس بعد کپرو پوليس عمرڪوٽ ۾ ڇاپو هڻي مک جوابدار موسيٰ کيبر کي گرفتار ڪري ورتو.

هوڏانهن مقتول  نسيمان ۽ جميلان جو قتل ڪيس سرڪاري فريادي تي جوابدار موسيٰ کيبر، سندس ڀاءِ الهڏنو ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن تي داخل ڪيو  ويو آهي. جڏهن ته پوليس مک جوابدار موسيٰ کي گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي هٿ ڪري ورتي آهي.

ٻي پاسي گرفتار جوابدار موسيٰ جو چوڻ هو ته ڌيءُ کي لاڏ ڪوڏ سان پاليو، غلط قدم کڻڻ تي زميندار جي پٽ بابت چڱي مڙس کي شڪايت ڪئي، فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڪري هن اهڙو قدم کنيو.

سندس چوڻ هو ته ڌيءُ کي قتل ڪرڻ تي زال وچ ۾ پئي ته کين ڌڪ لڳي ويو، جنهن سبب اها به مارجي وئي، ڪيس ۾ ڀاءُ جو نالو بيگناهه شامل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے