19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪنڌڪوٽ: پوليس ڪارروايون، 175 اشتهاري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا چيو آهي ته ٻن مهينن دوران پوليس ڪارروايون ڪري 175 اشتهاري روپوش جوابدار گرفتار ڪري هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حد مان چوري ٿيل 9 موٽرسائيڪلون، 8 مينهون  ۽ هندو واپارين کان ڦر ٿيل رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته گرفتار جوابدارن وٽان 2 ڪلاشڪوف، 25 ٽي ٽي پسٽل، 9 شاٽ گن به هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته منشيات ۾ 3 ڪلو چرس، 22 ڪلو ڀنگ،هڪ سئو 3 شراب جون بوتلون ۽ هڪ سئو 20 ليٽر ڪچو شراب پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پوليس ڪاررواين دوران هٿ ڪيل چوري جون موٽر سائيڪلون ۽ مينهون مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن، هاڻي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر آهي.

ايس ايس پي چيو ته قبيلائي تڪرارن سبب امن ۾ رنڊڪ پئجي رهي آهي، هاڻي قبيلائي جهيڙا ڪندڙ ڌرين خلاف به ترت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے