26 اربع , سيپٽمبر 2018

ساف فٽبال ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ ڀارت هٿان پاڪستان کي شڪست

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ جاري ڏکڻ ايشيا فٽبال فيڊريشن چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارتي ٽيم پاڪستان کي 1-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي. بنگلاديش جي بنگا بانڌو نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ساف ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ميچ دوران پهرين هاف جي پڄاڻي تائين ٻئي ٽيمون ڪو به گول نه ڪري سگهيون پر ٻئي هاف جي شروعات ۾ ئي ڀارت جي منوير سنگهه ٻه گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري ڇڏي. 84هين منٽ ۾ ڀارت طرفان ٽيون گول ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پاڪستان جو ميچ بچائڻ ڏکيو ٿي ويو. ميچ جي 87هين منٽ ۾ پاڪستان طرفان حسن بشير واحد گول ڪيو. ڀارتي ٽيم هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان ڪاميابي ماڻي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے